رياض (م ڊ) هن سال حج دوران سعودي عرب ۾ سخت گرمي سبب فوت ٿيل حاجين جو انگ 1000 کان وڌي ويو آهي، جن ۾ اڪثريت وڏي عمر وارن، بيمارن ۽ ڪمزور جي هئي. سومر ڏينهن گرمي جو پد 51.8 سينٽي گريڊ تائين پهتو، جنهن جي ڪري ماڻهن جو موت ٿيو. ايتري وڏي انگ ۾ حاجين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ احرام پاتل ماڻهن کي روڊن، فوٽ پاٿن ۽ ويل چيئرن تي بي جان ليٽندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيوز ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حاجي حرم شريف ڏانهن ويندڙ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا پر ڪا به ايمبولنس سندن مڙهه کڻڻ لاءِ نه آئي، رڳو لنگهندڙ ماڻهن سندن منهن ڍڪيا. وڊيوز ۾ چيو ويو آهي ته واقعو عيد جي ڏينهن منجهند جو پيش آيو، ڪيترن ئي ماڻهن ايمبولنس کي فون ڪئي، جنهن کانپوءِ سج لٿي تائين روڊ تي ڪري فوت ٿيل حاجين جو انگ 14 ٿي ويو. ان دوران ڪنهن به سندن مدد نه ڪئي. وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ”مني’19 ايمبولنس سينٽر ماڻهن جي بي هوش ٿيڻ واري هنڌ کان 600 ميٽر، جڏهن ته العزيزيه ايمبولنس سينٽر ان هنڌ کان 200 ميٽر جي مفاصلي تي آهي.