بلوچستان ۾ سياسي ڳالهين سان امن ايندو:آصف علي زرداري

گوادر (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ ضروري  آهي. قابل ۽ بهادر پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سياسي ڳالهين سان صوبي ۾ خوشحالي ۽ امن ايندو. ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي موجب گوادر ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو.جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ شاهه گورگيج، صوبائي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو، صوبائي اسيمبلي ميمبر مولانا هدايت الرحمان سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر کي صوبي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان مقابلو ڪرڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار بابت پڻ ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽارگيٽڊ ايڪشن پلان جوڙيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت چيني ۽ پرڏيهي شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ صوبي جي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪچهي ڪينال منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.