اسلام آباد (م ڊ) مذهبي معاملن واري وزارت حج دوران گرمي جي لهر سبب 35 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊائريڪٽر جنرل حج مشن عبدالوهاب سومرو موجب حج دوران گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب منيٰ ۾ 4 پاڪستاني، عرفات ۾ 3 ۽ مزدلفه ۾ 2 پاڪستاني فوت ٿيا، جڏهن ته 20 پاڪستاني حاجي مڪي ۽ 6 مديني ۾ فوت ٿيا. عبدالوهاب سومرو سوشل ميڊيا تي حاجين کي بي يارو مددگار ڇڏڻ وارا الزام رد ڪندي چيو ته اسان سعودي حڪومت جي ڄاڻ تي يقين رکون ٿا، بعد ۾ پاڻ ان جي تصديق ڪنداسين. ٻئي طرف مذهبي معاملن واري وزارت موجب فوتي حاجين بابت اطلاع ملڻ کانپوءِ سعودي حڪومت جي نظام تحت وارثن کان دفنائڻ جي اجازت ورتي ويندي آهي. فوت ٿيل حاجي کي غسل ڏئي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ حرم ۾ دفن ڪيو ويندو آهي يا وارثن جي خواهش موجب حاجي جو مڙهه پاڪستان آڻڻ جا انتظام ڪيا ويندا آهن.
-
شهباز گل جو ڀاءُ ۽ عمران خان جو سياسي صلاحڪار اغوا
لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پوليٽيڪل ايڊوائيزر ۽ شهباز گل جي وڏي ڀاءُ غلام شبير کي اغوا ڪيو ويو.پوليس موجب غلام شبير جي اغوا جو ڪيس ڪاهنه ٿاڻي ۾ پٽ بلال جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، غلام شبير شهباز گل جو وڏو ڀاءُ آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب غلام شبير کي ٻه ڏينهن اڳ اڻڄاتل ماڻهن گهر کان اسلام آباد ويندي اغوا ڪيو، هو رات دير سان پنهنجي گهر خيابان امير کان اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو هو.