لاهور (م ڊ) وفاقي حڪومت پاران پيش ڪيل بجيٽ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون ۽ خوفناڪ طوفان اچڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت جي بجيٽ تي ردعمل ڏيندي عام لوگ اتحاد جي اڳواڻ جسٽس (ر) وجيه الدين چيو آهي ته عوام مهانگائي جو شڪار آهي، نيپرا بجلي ڪمپنين کي 50 ارب رپين جو فائدو پهچايو آهي.هن چيو ته معيشت جي ترقي لاءِ نه رڳو سماج کي توانائي فراهم ڪرڻ پر سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو مقصد هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين ئي ٿيندو رهيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ آفتن جو طوفان اچي ويندو، پاڪستان ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، پر هاڻي پاڻي قد کان مٿي ٿي ويو آهي، تازو مسئلو اهو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ 20 رپيا في ليٽر تائين واڌ طئي ٿي وئي آهي.