ثقافت کاتي مان 200 ملازم برطرف ڪرڻ جي جاچ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر): سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کاتي مان 200 ملازمن کي برطرف ڪرڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صوبائي  وزير جي هدايت تي 200 ملازمن کي برطرف ڪرڻ کان روڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته 30 مئي 2024 تي پي اين ڊي آءِ سيل پاران 200 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. جنهن تي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه اعتراض ڪندي چيو ته هڪ ئي وقت 200 ملازمن کي اجازت يا مشاورت کانسواءِ ڪيئن ٿو ڪڍي سگهجي؟ صوبائي وزير ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي ٽن ڏينهن ۾ وضاحتي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ايندڙ فيصلي تائين واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو. ذوالفقار شاهه چيو ته ڊپارٽمنٽ جا ملازم هڪ خاندان وانگر هوندا آهن، ڪنهن به ملازم کي اجازت کانسواءِ برطرف نه ڪيو ويندو، پ پ جو منشور عوام کي روزگار ڏيڻ آهي ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ ناهي،هوڏانهن سيڪريٽري ڪلچر خالد چاچڙ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 200 ملازمن کي فارغ ڪرڻ واري ڳالهه نه مون کي خبر آهي نه ئي  ثقافت ۽ سياحت جي وزير کي ڪا ڄاڻ آهي. بهرحال فيلڊ آفيسر وٽ  بجيٽ مطابق ملازم  رکڻ يا ڪڍڻ جو مڪمل اختيار هوندو آهي ۽ فيلڊ آفيسر  ڪم کي ڏسي ملازم رکي به سگهي ٿو.  عوامي آواز جي سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري ڪلچر خالد چاچڙ چيو ته فيلڊ آفيسر بااختيار هوندو آهي تنهن ڪري هو ڪانٽريڪٽ طور ملازمن جي مقرري ۽ فارغ جو مڪمل اختيار رکي ٿو. پر منهنجي نظر ۾ ڪنهن جو روزگار کسڻ  وارو عمل درست نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.