ڪراچي ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا: وڏو وزير

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسمارٽ سرويلنس سسٽم (ايس 4) ۽ پوليس هيلٿ انشورنس  اسڪيم جهڙن ٻن اهم منصوبن جو افتتاح ڪندي چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ (ايس-4) هڪ وڏو اهم منصوبو آهي جنهن سان  امن امان جي بحالي ۾ مدد ملندي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي به مثبت اثر پوندا. هن چيو ته سنڌ جي 40 ٽول پلازن تي جديد ڪيمرا نصب ڪيا ويا آهن، پوليس اهلڪارن جي   ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت پوليس کاتي ۾ 5 بلين روپين جي هيلٿ انشورنس پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن سان سنڌ پوليس جي  1،27،482 ملازمن ۽ سندن گهرڀاتي پنهنجي صحت جي ضرورتن موجب نجي اسپتالن مان 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. هن اها ڳالهه سي پي او ڪراچي ۾ ايس-4 ۽ پوليس هيلٿ انشورنس اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته  آرٽيفشل انٽيليجنس ڏوهه  جي نئين چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن نظام سان پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو وڏي وزير چيو ته اسان تي تنقيد ٿي رهي آهي ته اسان وٽ سيف سٽي پروجيڪٽ ناهي. اڄ هي محفوظ شهر منصوبي ڏانهن اسان جو پهريون قدم آهي هن چيو ته اڄ ڪشمور ۾ ڌاڙيلن حملو ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو. 5 پوليس اهلڪارن کي قتل ڪندڙ ڌاڙيلن کي اڄ جهنم ۾ موڪليو ويو آهي. هن چيو ته سانگهڙ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ دردناڪ واقعو پيش آيو. هڪ معصوم اُٺ جي ٽنگ ڪٽي وئي. سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر پکيڙي وئي ته اُٺ جي مالڪ کي قتل ڪيو ويو آهي، اها ڪوڙي خبر هر ڪنهن پکيڙي پر ان جي ڪنهن به ترديد نه ڪئي. تقريب کي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.