سانگهڙ لڳ ڪتن جي ميل تان جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو قتل

سانگهڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ)سانگهڙ ڀرسان  منگلي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر 5 ۾ معمولي  ڳالهھ تان چاڪراڻي ۽ شاهه برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهين لٺون  ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، اطلاع تي منگلي پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي مارجي ويل شخص ۽ زخمين کي سانگهڙ سول اسپتال آندو ويو جتي مارجي ويل جي شخص جي  سڃاڻپ واجد مگري پوٽو طور ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ امجد چاڪراڻي انب چاڪراڻي فيض محمد چاڪراڻي ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين مان ٽن ڄڻن جي  حالت خراب هجڻ ڪري نوابشاهه ريفر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او منگلي ٻڌايو آهي ته جهيڙي جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل شخص ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف ذريعن مان اهو به معلوم ٿيو آهي جهيڙو ڪتن جي ميل تان پيش آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.