اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عوام ۽ پاڪستان خلاف بجيٽ اڪنامڪ هٽ مين ٺاهي آهي.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب چيو ته سيڙپڪار قانون جي بالادستي نه رکندڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ناهن ڪندا.هن چيو ته هي بجيٽ هڪ غير قانوني دستاويز آهي، جيڪو هتي پيش ٿيو، بجيٽ جڏهن پيش ٿيندي آهي ته فنانس بل سميت سمورا دستاويز هتي پيش ڪرڻا پوندا آهن، ايوان ۾ اهي دستاويز آيا ئي نه، رڳو ناڻي واري وزير جي تقرير هئي.سندس چوڻ هو ته 50 سالن ۾ سڀ کان گهٽ سيڙپڪاري موجوده حڪومت جي دور ۾ ٿي، حڪومت انگن اکرن ۾ ٻه نمبري ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي.عمر ايوب چيو ته شهباز شريف پاڻ کي تڪراري بڻائي خوش ٿيندو آهي، ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو ڪرپشن ڪيئن ختم ڪندا؟هي بجيٽ دراصل پاڪستان جي عوام ۽ مستقبل سان معاشي دهشتگردي آهي، هن بجيٽ جي ڪهاڻي ووٽ کي عزت ڏيڻ جي داستان سان شروع ٿي ۽ بوٽ کي عزت ڏيڻ تي ختم ٿي،هن چيو ته شهبازشريف عوام کان قرباني جي اپيل ڪري رهيو آهي اهو پهرين پنهنجي گهر کان ته شروعات ڪري،جيڪي پئسا انهن هڙپ ڪيا اهي ته واپس آڻين،هن چيو ته حڪومت هر ٻئي ڏينهن بجلي مهانگي ڪري رهي آهي،حڪومت جا بنياد ڪرپشن تي رکيا ويا آهن، ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هي حڪومت آندي وئي آهي، اڻ سڌا ٽيڪس وڌائي پگهاردار طبقي جو ڳلو دٻايو ويو آهي، هن چيو ته ڇا پ پ وارا بجيٽ جي حمايت ڪندا؟ توهان جو اڪنامڪ سروي ڪوڙو آهي، ڊڊو بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، ٻه نمبري سان ملڪ نه هلندو،هن چيو ته شهبازشريف جي چين دوري تي هن جي آجيان ڊپٽي ميئر ڪئي ۽ حڪومت ان کي ڪامياب دورو چئي رهي آهي، هن چيو ته هڪ جعلي ارسطو عمران خان کي 5 سالن لاءِ جيل ۾ رکڻ جي ڳالهه ڪئي،هي ملڪ ڇا بنانا ري پبلڪ آهي؟احسن اقبال جهڙن بي ڍنگن وزيرن جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه پئي ٿئي،عمرايوب چيو ته 3مئي 2011ع تي آمريڪي فوجون ايبٽ آباد ۾ داخل ٿيون،اسان جي ڪيترين ايئربيس مٿان گذريون،اسان جي ايئر ڊفينس سسٽم ردعمل ڇو نه ڏنو،ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ دفاعي ڪميٽي آڏو رکو، پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، اسان عوام جا چونڊيل نمائندا آهيون، اسان پنهنجي فوج کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، مثبت تنقيد کي موٽ ملڻ گهرجي،هن چيو ته اسان کي پنهنجي نيوڪليئر ڊيٽرنس تي ان ڪئميرا بريفنگ کپي،هن چيو ته مون هن وقت آءِ ايس آءِ،ايم آءِ ،ايف آءِ سميت انٽيليجنس ايجنسين جي بجيٽ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي،هن بجيٽ ڪتابن ۾ مالي ڊمانڊ ناهي، ناهي ته دفاعي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو بجيٽ ٻڌايو وڃي،اسان کي خبر هئڻ گهرجي ته ان بجيٽ ۾ ويگو ڊالا ڪيترا خريد ڪيا پيا وڃن؟طبلچين جو خيال رکو،انهن جون ڳالهيون نه مڃو،آءِ جي پنجاب خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف جاچ ڪرائينداسين، هن چيو ته نيب جي بجيٽ وڌائي وئي آهي، نيب قانون ۾ تبديلين کانپوءِ ان جا فائدا کڻندڙ ڪير آهن،نوازشريف،شهبازشريف ،حسن نواز، آصف زرداري، فريال ٽالپر،شرجيل ميمڻ،اسحاق ڊار کي فائدو مليو، نيب جي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي جو ان جي بجيٽ وڌائي وئي آهي؟ اسان جي دور ۾ نيب جون وصوليون 400 ارب کان وڌي ويون، پوءِ بي اعتمادي رٿ اچي وئي، جنرل باجوا جو خواجا آصف سان ڳٺ جوڙ ٿي ويو،هن چيو ته انهن کي لائسنس ٽو لوٽ جو بلنڊر ختم ڪرڻو پوندو،نيب قانون ٺيڪ ڪرڻا پوندا،هن چيو ته دبئي ليڪس آئي،محسن نقوي ته ڪجهه سال پهرين تائين ٽيڪس فائلر ئي نه هو، هن ميڊيا ايمپائر ڪيئن قائم ڪيو؟سڀ کان پهرين ته هن خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي،هي جيب تراشن جي حڪومت آهي،ڪچي جي ڌاڙيلن کي مقابلن ۾ ماريو وڃي ٿو پر پڪي جا ڌاڙيل پنهنجي لاءِ اين آر او آڻي ڇڏين ٿا،هن چيو ته هن ماحول ۾ ڪير به نجڪاري لاءِ نه ايندو،هتي اهو به ٻڌايو وڃي ته ايس آءِ ايف سي ڏيڍ سالن ۾ ڪهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي؟ ايس آءِ ايف سي ٺاهڻ جو مقصد مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي،50 ڪروڙن جي بجيٽ مان ايس آءِ ايف سي ڇا ڪندي؟ اهي پئسا غريبن کي سبسڊي جي مد ۾ ڏنا وڃن،اسلم گهمن چيو ته حڪمران پنهنجا پئسا ملڪ واپس نٿا آڻين ۽ دنيا کان پني رهيا آهن، جڏهن ته بچاءَ واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب کي ماضيءَ کي ڏسي ڳالهائڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته هنن ڏيڍ سال زور لڳائي ڏسي ڇڏيو، هاڻي منٿن تي لهي آيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمر ايوب جي والد کي اسپيڪر نواز شريف بڻايو هو، ملڪي تاريخ ۾ ايوب خان هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو حق کسي هو، هاڻي چون ٿا ته فوجي به اسان جا آهن، شهيد به اسان جا آهن. هن چيو ته هو ٽريڪ تبديل ڪري رهيا آهن، شهيد هنن جا آهن ته پوءِ شهيدن جي مجسمن جي توهين ڪندڙ ڪير هئا؟ وفاقي وزير جي تقرير دوران تي سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج احتجاج ڪندا رهيا.