پريا ڪماري اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهي: شام سندر آڏواڻي

ڪراچي: پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ پرياڪماري ۽ زبردستي مذهب تبديلي جا معاملا اٿاري ڇڏيا، ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي  بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي  چيو ته پريا ڪماري کي سبيل ورهائيندي اغوا ڪيو ويو پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي، ان کانسواءِ جبري مذهب مٽرائڻ خلاف سخت قانونسازي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي مهرباني جو اقليتي معاملن واري کاتي لاءِ فنڊس رکيا آهن، ٿاڻو بولاخان ۾ ڪاليج شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان لائبريري قائم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.