سوات (م ڊ) سوات جي علائقي مدين ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ تي مڇريل ماڻهن جي هجوم جوابدار کي پوليس ٿاڻي مان ڪڍي قتل ڪري لاش کي باهه ڏئي ڇڏي، سيالڪوٽ جي هڪ شخص مبينا طور پاڪ ڪتاب جي ورڪن جي بي حرمتي ڪئي، مقامي ماڻهن موجب بازار ۾ ڪجهه ماڻهن اعلان ڪيو ته هڪ شخص پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪئي آهي، جنهن تي ڪجهه ماڻهن ان شخص کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ مسجدن ۾ اعلان ڪيا ويا ۽ ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي پوليس اسٽيشن تي پهچي ويا، مدين جي ماڻهن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري ٿاڻي کي باهه ڏئي جوابدار کي ڇڏائي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو.