اُٺ جي مصنوعي ٽنگ ڀارت مان نه پئي اچي: عاجز ڌامراهه

سانگهڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ) پيپلز پارٽي جي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته اٺ جي مصنوعي ٽنگ انڊيا  مان اچڻ واري خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، مصنوعي ٽنگ جو بندوبست بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. ڪالهه نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ ۾ صحافين سان ڳالھ ٻولهه ڪندي هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي مصنوعي ٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي مخالف هميشه جيان اٺ تي به پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، اٺ ٻن ڏينهن کان جهنگ ۾ بي سهارا پيل هو، اٺ مالڪ نه ڪنهن لائيو اسٽاڪ جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو نه وري پوليس کي اطلاع ڏنو. هن چيو پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو، مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ تڪ جي چونڊيل ايم اين اي شازيه عطا مري سينيٽر قرت العين مري، بلاول ڀٽو جي هدايتن تي اٺ کي ڪراچي منتقل ڪرايو، جتي ان جو علاج هلندڙ آهي. هن چيو بي زبان جانور سان ظلم جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.