شهيد راڻي جي سالگره ۽ زندگي کان وڌيڪ قيمتي تحفو!

تحرير: شرجيل انعام ميمڻ

21 جون شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جون 1953ع تي سنڌ جي هڪ شاهي خاندان ۾ جنم وٺندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو عيش ۽ آرام جي زندگي کي ٿڏي ڪري جهڙي نموني شعوري طور تي تڪليفن، ڏکن ۽ مصيبتن واري زندگي جي چونڊ ڪئي ۽ مظلوميت جو موت قبول ڪيو، تنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. هن ائين ڇو ڪيو؟ اهو تاريخ جو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب رڳو انهن ماڻهن وٽ آهي جيڪي حق تي اٽل رهيا ۽ پنهنجي سڀ کان وڏي قيمتي شئي ”زندگي“ کي قربان ڪرڻ ۾ ٿوري به هٻڪ نه ڏيکاري.

پنهنجي ڪتاب “مفاهمت“ ۾ شهيد راڻي هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”مون والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جو عذاب ڀوڳيو هو ۽ مان ڄاڻان پئي ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن ناهن ڀربا. پنهنجي والد جي موت تي جيڪا تڪليف مون ڀوڳي آهي تنهن کان پنهنجن ٻارن کي بچائڻ لاءِ مان ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هيم پر هيءُ واحد ڪم هو جيڪو مان نه پئي ڪري سگهان“. انهن سٽن مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته شهيد راڻيءَ ان رستي جي پاڻ ئي چونڊ ڪئي.

پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جي عظيم سانحي کان پوءِ شهيد راڻي جيڪڏهن چاهي ها ته اها پنهنجي زندگي پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي ڪري آرام سان گذاري سگهي پئي ڇاڪاڻ ته کيس اندازو ٿي ويو هو ته پاڪستان اهڙن ماڻهن لاءِ ڪيتري قدر خطرناڪ ملڪ آهي جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عوام لاءِ سياست ڪندا آهن. هڪ ڀيري شهيد ڀٽو به کين چيو هو ته جيڪڏهن هوءَ چاهي ته يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي ڪري پنهنجي زندگي سک سان گذاري سگهي ٿي پر شهيد بي بيءَ کين اهو ئي جواب ڏنو ته هُوءَ پنهنجي بابا جو مشن پور ڪندي، ڀلي ان ڏس ۾ کيس ڪيتريون به تڪليفون ۽ سختيون ڇو نه برداشت ڪرڻيون پون. سو شهيد بي بيءَ پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪئي پر جڏهن هن پنهنجن ٻارن جي باري ۾ سوچيو ته هوءَ ان طرح جي تڪليف کان پنهنجن ٻارن کي بچائي جيڪا تڪليف هن پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل سبب ڀوڳي هئي ته پوءِ به هن فيصلو ڪيو هو ته هوءَ پنهنجن ٻارن کي اهڙي تڪليف کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي پر اهو ڪم نه ٿي ڪري سگهي ته هوءَ ان لاءِ پاڪستان جي عوام جو ساٿ ڇڏي ڏي.

21 جون 1978ع تي شهيد راڻي جي سالگره جي موقعي تي سينٽرل جيل راولپنڊي مان هڪ قيدي جي حيثيت سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کيس هڪ طويل خط لکيو جيڪو ”منهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ان خط ۾ شهيد ڀٽو پنهنجي سڀ کان پياري ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”مان هن جيل جي کولي مان توکي هڪ تحفو ڏئي سگهان ٿو جنهن مان مان پنهنجو هٿ به نٿو ڪڍي سگهان؟ مان توکي عوام جو هٿ تحفي ۾ ڏيان ٿو. مان تنهنجي لاءِ ڇا تقريب منعقد ڪري سگهان ٿو؟ مان توکي هڪ مشهور نالو ۽ هڪ مشهور يادداشت جي تقريب جو تحفظ ڏيان ٿو. تون سڀ کان قديم تهذيب جي وارث آهين. ان قديم تهذيب کي انتهائي ترقي يافته ۽ انتهائي طاقتور بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪر. ترقي يافته ۽ طاقتور مان منهنجي مراد اها ناهي ته معاشرو انتهائي ڊيڄاريندڙ بڻجي وڃي. ڪو به خوف زده ڪرڻ وارو معاشرو مهذب معاشرو ناهي هوندو. مهذب جي معنيٰ آهي ته سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ طاقتور  معاشرو جنهن قوم جي خاص جذبن جي سڃاڻپ ڪئي هجي“. انهيءَ خط ۾ شهيد ڀٽو اهو به لکيو ته ”مان توکي رڳو هڪ پيغام ڏيان ٿو. اهو پيغام ايندڙ ڏينهن جو پيغام آهي ۽ تاريخ جو پيغام آهي ته رڳو عوام تي ويساهه رک. ان جي نجات ۽ برابري لاءِ ڪم ڪر. الله تعاليٰ جي جنت تنهنجي والده جي قدمن ۾ آهي ۽ سياست جي جنت عوام جي پيرن هيٺ آهي“.

پوءِ تاريخ ڏٺو ته شهيد ڀٽو عوام جي جنهن هٿ جو تحفو پنهنجي پياري ڌي جي سالگره جي موقعي تي کيس ڏنو هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان تحفي کي پنهنجي زندگي کان به وڌيڪ ملهه سمجهي ڪري سنڀالي رکيو ۽ ان دور ۾ عوامي حقن جي جدوجهد کي اڳتي وڌايو جيڪو انساني تاريخ ۾ ڌرتي ۽ عوام جي سياست ڪرڻ وارن لاءِ مشڪل ترين دور هو. هيءُ اهو دور هو جنهن ۾ نوفسطائي (نيو  فاشسٽ) قوتن عوام مٿان اهڙي جنگ مسلط ڪري رکي هئي جنهن ۾ عالمي جنگن کان به وڌيڪ رتوڇاڻ ٿي رهي هئي. هڪ پاسي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عوامي جمهوري قوتن کي چٿيو ويو هو ۽ آمريت مڙهي وئي هئي ته ٻئي پاسي غير رياستي دهشت گرد عنصرن جي ذريعي عوامي جمهوري طاقتن جي اسرڻ جو رستو مسمار ڪيو ويو. شهيد راڻيءَ نه رڳو ٻن فوجي آمرن جو مقابلو ڪيو پر دهشتگردن کي به للڪاريو. هُن ان خوفناڪ دور ۾ نه رڳو جمهوري طاقتن کي ڪٺو ڪري ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي پر نو فسطائي طاقتن جي پاڪستان مخالف ايجنڊا کي به ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن نه صرف پاڪستان جي عوام کي جمهوري حق ڏياريا پر پاڪستان کي انهن خطرن مان پڻ ڪڍيو جيڪي ان جي سلامتي کي درپيش هيا.

18 آڪٽوبر 2007ع تي شهيد بي بي 8 ورهين جي جلاوطني کان پوءِ وطن واپس آئي ته سڄي پاڪستان مان عوام جو سمنڊ ڪراچيءَ ۾ اچي پهتو هو. ان ڏينهن ئي عوام دشمن طاقتن دهشتگردي جي ڪارروائي ڪري شهيد بي بي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ کيس اڳ کان وڌيڪ پڪ ٿي چُڪي هئي ته عوام دشمن طاقتون سندس پٺيان لڳل آهن. 19 آڪٽوبر 2007ع تي بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس هلندي جڏهن هڪ صحافيءَ کائنس سوال ڪيو ته ان واقعي کان پوءِ ڇا هُوءَ پاڪستان ۾ وڌيڪ چونڊ مهم هلائيندي ته شهيد بي بيءَ بنا هٻڪ جي جواب ڏنو ته ”هُو ماڻهو به اهو ئي چاهين ٿا ته مان چونڊ مهم نه هلايان ۽ واپس پرڏيهه ملڪ هلي وڃان. اهي ماڻهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي پر هاڻي جيڪڏهن جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا . سو مان پنهنجن ماڻهن سان گڏ رهندس. پوءِ دنيا ڏٺو ته هوءَ پنهنجي هر جلسي ۾ هڪ ئي ڳالهه چئي رهي هئي ته ”اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان گڏ آهي. اسان دليلن تي ڳالهائڻ وارا ماڻهو آهيون. اسان جا به نظريا ۽ جذبات آهن. اسان کي خبر آهي ته ڪيئن جيئڻو ۽ ڪيئن مرڻو آهي“.

آخر 7 ڊسمبر 2007ع تي اهو المناڪ ڏينهن به آيو جڏهن شهيد بي بيءَ عوام جي وچ ۾ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. پنهنجي بابا شهيد ڀٽو طرفان پنهنجي سالگره تي ڏنل عوام جي هٿ جو تحفو هن پنهنجي آخري ساهه تائين سنڀالي رکيو. اڄ سندس سالگره تي اهو تحفو هر ان ماڻهوءَ کي سنڀالي رکڻو آهي جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان محبت ۾ شهيد بي بي جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو. عوام جو ساٿ نه ڇڏڻ جو وچن ئي شهيد بي بي جي سالگرهه جو تحفو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.