عيد الاضحي’ دوران 500 ارب رپين جا 68 لک جانور قربان

ڪراچي (رپورٽر) هلندڙ سال 500 ارب رپين جا 68 لک کان وڌيڪ ڍور الله جي راهه ۾ قربان ڪيا ويا. پاڪستان ٽينرز ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ٽن ڏينهن ۾ 29 لک ڳئون، 33 لک ٻڪريون ۽ 3 لک، 85 هزار رڍون، گهٽا  قربان ڪيا ويا. پاڪستان ٽينرز ايسوسئيشن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر آغا سيدن موجب 98 هزار اٺ الله جي راهه ۾ قربان ڪيا ويا. ان کان علاوه سنت ابراهيمي جي ادائگي لاءِ 165000 جي لڳ ڀڳ مينهون به ذبح ڪيون ويون آهن. بيان موجب قرباني جي جانورن جي ماليت 500 ارب رپين کان وڌيڪ هئي ۽ ان جي کلن جو ملهه 8 ارب 50 ڪروڙ رپيا آهي. ايسوسيئيشن موجب موسمي تبديلين جي ڪري 40 سيڪڙو کلون سخت گرميءَ  سبب ضايع ٿيڻ جو خدشو آهن، چمڙي جي صنعت جي 20 سيڪڙو گهرج عيد الاضحيٰ تي قرباني جي جانورن مان پوري ٿيندي آهي، هن سال حاصل ڪيل کالون 20 سيڪڙو کان به گهٽ طلب پوريون ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.