صدر ۽ وزيراعظم پاران خليل جبران جي قتل جي مذمت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)صدر آصف علي زرداري لنڊي ڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل صحافي خليل جبران جي قتل جي سخت مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.تفصيل موجب صدر آصف علي زرداري لنڊي ڪوتل پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ خيبر ٽي وي جي رپورٽر خليل جبران جي قتل جي سخت مذمت ڪندي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف زرداري چيو ته خليل جبران جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.صدر خليل جبران جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي سندن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي آهي.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف به لنڊي ڪوتل پريس ڪلب جي صدر خليل جبران جي قتل جي مذمت ڪئي آهي.شهباز شريف مقتول صحافي جي خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي قاتلن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.