نيو يارڪ (م ڊ) ناليواري دانشورنوم چومسڪي جي زال، والريا واسرمين چومسڪي جو چوڻ آهي ته مشهور لسانيات ۽ سرگرم ڪارڪن جي موت جا افواهه غلط آهن.هڪ بيان ۾ هن چيو ته نه ، اهو غلط آهي ،“ هن ايسوسيئيڊ پريس کان اي ميل ٿيل سوال جي جواب ۾ لکيو آهي،95 سالن جو نوم چومسڪي برازيل ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو هو جڏهن هڪ سال اڳ فالج جو شڪار ٿي ويو هو، ويلريا چومسڪي گذريل هفتي اي پي کي ٻڌايو.ساؤ پولو ۾ بينفيسينيا پورچوگيزا اسپتال هڪ بيان ۾ چيو آهي ته چومسڪي کي اڱاري تي گهر ۾ علاج جاري رکڻ لاءِ ڊسچارج ڪيو ويو،واضح رهي ته ان کان اڳ ٽوئيٽر(ايڪس) ٻين سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي نوم چومسڪي جي لاڏاڻي جي خبر وائرل ٿيل هئي