ڀارت ۾ قهر جي گرمي، 19 ماڻهو فوت

نئين دهلي (م ڊ)نئين دهلي ۽ نوئيڊا سميت اترهندستان ۾ سخت گرمي ڪروڙين ماڻهن جي حياتي لاءِ خطرو بڻجي وئي، هيٽ ويو جي زد ۾ مجموعي طور تي 19 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، نيئن دهلي ۾5 ماڻهو فوت ٿيا ۽ نوئيڊا ۾  14 ماڻهن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻين علائقن ۾  هيٽ ويو سبب موت جا اطلاع آهن، پر سرڪاري انگ اکر اڃا تائين جاري نه ڪيا ويا آهن.دهلي جي لوڪ نائڪ جيئي پرڪاش اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته گرمي جي لهر کان متاثر ٿيندڙ اڪثريت مزدور ۽ سائيڪل رڪشا هلائيندڙ آهن ۽ انهن مان گهڻا 60 سالن کان مٿي آهن.

  • اسلام آباد ۽ پشاور سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، سوات ۽ مالاڪنڊ سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزلي جا جهٽڪا اتر وزيرستان، پارا چنار، لوئر دير، هنگو ۽ ڀرپاسي ۾ به محسوس ڪيا  ويا ان کان علاوه چارسده ۽ صوابي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ زمين جي اندر گهرائي 98 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جو ڏاکڻيون ۽ اوڀر وارو علائقو هو.آمريڪي جيولوجيڪل سروس موجب زلزلي جا جهٽڪا پاڪستان ۽ افغانستان سان گڏوگڏ تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ به محسوس ڪيا ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ به پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.