ساوند سندراڻي ڌريون تڪرار جي خاتمي لاءِ راضي،شهيد اجمل ساوند جي قتل جو به نبيرو رٿيل

سکر/ڪنڌڪوٽ/ڪشمور/غوثپور(رپورٽ:آزاد مهر+ممتاز سنڌي+دليپ ڪيسواڻي+عبدالجبار اوڳاهي) ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ ڌريون راضي، خير تائين جنگ بندي جو اعلان به ٿي ويو، ڌرين جو ڪارنهن جو معاملو ۽ شهيد اجمل ساوند  جو معاملو الڳ نبيريو ويندو، ڌرين ۾ خوشي جي لهر، خبرموجب ٻن سالن کان هلندڙ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان شروع ٿيل ساوند سندراڻي تڪرار جي خاتمي جي لاءِ، پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، ايم پي اي سردار محبوب علي خان بجاراڻي، ايم اين اي اعجاز خان جکراڻي، پير آف ڀرچونڊي شريف ميان عبدالخالق قادري، ضلعي چيئرمين ڪشمور مير گل محمد خان جکراڻي، سردار جلال ڪلپربگٽي، پير آف غوثپور سيد محمد شاهه، سيد بشير احمد شاهه، پير آف امروٽ شريف، سيد فيض الرحمان گيلاني، سردر لياقت خان ملڪ، منظور احمد سومرو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ميڙ منٿ قافلو ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ڊاڪٽر علي نواز ساوند وٽ سکر ۾ انهن جي رهائشگاهه تي پهتو جتي ميڙ ٿي آيل معززين، سردارن، ۽ سيدن، ڊاڪٽر محمد طارق ساوند ۽ ڊاڪٽر علي نواز ساوند سان ڳالهيون ڪري خير جي اپيل ڪئي، ان موقعي تي آيل ميڙ کي مان ڏيندي ساوند برادري پاران خير لاءِ راضپو ڏيکاريو ويو، جنهن بعد ڌرين سان رابطو ڪري 4 جولائي تي خانڳڙهه جي گوهر پئلس تي سردار علي گوهر خان مهر وٽ نبيرو ڪرڻ جي تاريخ طئي ڪئي وئي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته تڪرار جي نبيري تائين ڌرين ۾ جنگبندي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر مٿان ٻه ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آھي، ذريعن اها به دعوى ڪئي آھي ته ساوند سندراڻي تڪرار جي جڙ ڪارنهن جو معاملو الڳ نبيريو ويندو ۽ شهيد اجمل ساوند جو معاملو الڳ نبيريو ويندو،

  • ڪارنهن معاملي تي تڪرار ۾ 29 انساني جانيون ضايع

ڪنڌڪوٽ: ساوند ء سندراڻي جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ڪارنھن جي معاملي تان شروع ٿيو ٻنھي  ڌرين جا 29 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جن ۾ ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر طارق ساوند جو ڀاءُ پروفيسر شهيد اجمل خان ساوند، عبدالحفيظ سميت خوني تڪرار ۾  ساوند برادري جا 14 مڙس قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته سندراڻي برادري جا وڪيل نورالاهي سندراڻي  سميت 11 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جهيڙي دوران ملڪ برادري جا ٽي ڄڻا ۽ ھڪ ٿيهم برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿي ويو آهي جهيڙي سبب ٻن ڌرين ۾ ڪيترائي نقصان پڻ ٿيا زمينون غير آباد بڻيل آهن، اسڪول پڻ بند ٿي ويا ماسترن اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو ٻار قلم بجاءِ هٿيار کڻي مورچن تي ويهي رهيا علائقي ۾ ساوند ء سندراڻي جي ٻن ڌرين ۾ ٺاھ جي تاريخ مقرر ٿيڻ تي سرهائي جي لهر آهي

  • اجمل ساوند کي ناحق شهيد ڪيو ويو: ڊاڪٽر طارق ساوند

ڪنڌڪوٽ: ساوند برادري جي چڱي مڙس ڊاڪٽر محمد طارق ساوند جو چوڻ هو ته اسين هميشه جھيڙي کان پاسيرا رھيا آھيون ۽ ڪڏھن به جھيڙي کي وڌائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي ھئي، پڙھيل لکيل آھيون، نٿا چاھيون ته وڌيڪ بي گناھ انساني جانيون ضايع ٿين ۽ خونريزي وڌي ڇو ته جھيڙن سبب علائقي جو امن تباھ ٿئي ٿو، شھيد پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ جو درد دل ۾ سانڍيل آھي ان کي ناحق جھيڙي ۾ ڦاسائي شھيد ڪيو ويو، علائقي جي آيل معززين کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضپو ڏيکاريو آھي، اميد ته ٻي ڌر به پاسداري ڪندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.