اسلام آباد(حسنات ملڪ+اسد طور): اسلامڪ يونيورسٽي انٽرنيشل جي صدر جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسى صدرآصف علي زرداري کي خط لکي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ قاضي فائز عيسى اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر آھي. ھن صدر کي خط لکي مطالبو ڪيو آھي تھ اسلامي يونيورسٽي انٽرنيشنل جي نئين صدر جي مقرريءَ طرف ڌيان ڏئي. ڊسمبر 2023ع ۾ صدر جي مقرريءَ لاءِ ٿيندڙ بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميٽنگ ۾ بطور ميمبر شرڪت ڪئي ھُئي، جڏھن تھ اپريل ۾ ميٽنگ رٿي وئي جيڪا بھ نھ ٿي سگھي، اھڙي نموني اسلامڪ يونيورسٽيءَ انٽرنيشنل جي نئين صدر جي چونڊ جو معاملو مسلسل التوا جو شڪار رھندو پيو اچي، اھڙي صورتحال ۾ قاضي فائز عيسى 12- جون 2024ع تي صدر آصف زرداريءَ کي خط لکي نئين صدر جي چونڊ جو مطالبو ڪيو آھي، اسلامڪ يونيورسٽيءَ انٽرنيشنل جي ھاڻوڪو صدر جنھن جي مدو 16 جولاءِ تي پورو ٿيندو ، ھو ھڪ سعودي شھري آھي ۽ ھن وقت پاڪستان ۾ بھ موجود نھ آھي، سندس صدر جي مدي جي پڄاڻي ٿي رھي آھي، ان بعد اسلامڪ يونيورسٽي انٽرنيشنل جو صدر ڪير ٿيندو،چيف جسٽس لکيو ته باقي ڊينز به ايڊهاڪ بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهن،جيڪا يونيورسٽي جي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي آهي، بورڊ آف ٽرسٽيز جي اجلاس ۾ جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي اهي اڃا تائين برقرار آهن، هن لکيو ته ڊاڪٽر ايم بي جماني ۽ ڊاڪٽر الحسان يونيورسٽي لاءِ ڪهڙيون خدمتون پيا ڏين جن کي رکڻ ضروري آهي، هن لکيو ته يونيورسٽي انتظاميا اهڙن ماڻهن کي به تحفظ ڏئي رهي آهي جن تي جنسي هراسمينٽ جا الزام آهن، قاضي فائز عيسى متعلق مشھور آھي تھ ھُن جي ڪيل فيصلن تي ايترا تبصرا نھ ٿيندا آھن جيترا ان جي لکيل خطن تي ٿيندا آھن. قاضي فائز عيسى خطن لکڻ جو سلسلو تڏھن شروع ڪيو جڏھن مٿس ريفرنس داخل ٿيو ھو، ان بعد سندس خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪمپلين داخل ٿي ھُئي، ھُن اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي دور ۾ بھ خط لکيا،جسٽس بنديال جي دور ۾ ھُن ڪجھھ مسئلن تي پڻ خط لکيا. ھُن تازو 13 جنوريءَ جي فيصلي جو دفاع ڪندي برٽش ھاءِ ڪمشنر کي پڻ خط لکيو.