رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ سخت گرمي سبب حج دوران 550 حاجي فوت ٿي ويا. ”اي ايف پي“ موجب ٻن عرب سفارتڪارن ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 323 مصري به شامل آهن، جن مان گهڻا گرميءَ سبب متاثر ٿيا آهن. هڪ سفارتڪار چيو ته فوتين جو ڪل تعداد مڪي جي المعيسم پاڙي جي هڪ اسپتال مان مليو. سفارتڪارن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 60 اردن جا شهري به فوت ٿيا. سعودي اختيارين ٻڌايو ته هيٽ اسٽروڪ ۾ مبتلا 2,000 کان وڌيڪ حاجين جو علاج ڪيو ويو، پر ان انگ کي اپڊيٽ نه ڪيو ويو آهي.