پشاور (م ڊ) ڪي پي جي تعلقي لنڊي ڪوتل ۾ صحافي خليل مارجي ويو، گذريل رات مزارينه سلطان خيل ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ صحافي خليل مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي ايڊووڪيٽ سجاد شنواري زخمي ٿي پيو. وڏي وزير علي امين گنڊاپور، گورنر ڪي پي ۽ اطلاعات واري وزير سميت صحافتي تنظيمن قلم ڌڻي خليل جبران جي قتل جي مذمت ڪئي آهي. لنڊي ڪوٽ جي مقامي صحافي ولي خان شنواري چيو آهي ته واقعي بعد مقامي سطح تي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، صحافي خليل جبران جي قتل کانپوءِ مقامي صحافين اجلاس ڪوٺائي سخت احتجاج جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سڀاڻي باب خيبر جمرود تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، جڏهن ته صحافي خليل جبران کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.