لاهور(معظم فخر+م ڊ) عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران اهم موڙ اچي ويو،لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهزاد احمد ملڪ خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت جمع ڪرائي وئي.جڊيشل ڪائونسل کي شڪايت 29 مئي تي رفاقت علي تنولي ڊاڪ ذريعي موڪلي، جنهن ۾ هڪ روڊ حادثي جو حوالو به ڏنو ويو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪليل درخواست ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي هڪ فوجداري ڪيس ۾ اثر استعمال ڪرڻ جو الزام به لڳايو ويو. واضح رهي ته ان حوالي سان هڪ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي.حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي باغي ججن خلاف ماحول بڻائڻ لاءِ پنجاب ۾ وڪيلن ۾ هڪ ارب رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪيو آهي، وڪيلن جي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ خزاني جا منهن کوليا ويا آهن، حڪومت جديشل ايڪٽوازم سبب پريشان آهي، ان صورتحال ۾ عدالتي بحران سنگين ٿي ويو آهي، اطلاع آهن ته پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي اها آهي ته نومبر تائين عدالتي بحران برقرار رهي جنهن کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي جاءِ تي جسٽس منصور علي شاهه نئون چيف جسٽس بڻجي ويندو، ڪافي عرصي کان اهي به افواهه گردش هيٺ آهن ته حڪومت موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ 3 سالن تائين واڌ جو ارادو رکي ٿي جيئن پي ٽي آءِ کي ڪو قانوني رليف نه ملي سگهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد تي اختيارن جي ناجائز استعمال، مس ڪنڊڪٽ ۽ ٻن شهرين جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي الزام هيٺ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اختيارن جي ناجائز استعمال تي جج کي سندس عهدي تان هٽايو وڃي ۽ هن خلاف فوجداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ان حادثي ۾ ملوث عورت خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، لاهور ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ ٻن نوجوانن کي اڇي رنگ جي پراڊو جيپ ٽڪر هنيو هو،اها گاڏي لاهور هاءِ ڪورٽ کي الاٽ ٿيل هئي،۽ اطلاع آهن ته اها گاڏي جسٽس شهزاد ملڪ جي ڌيءُ هلائي رهي هئي، ٻن نوجوانن جي والد رفاقت تنولي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جسٽس شهزاد ملڪ اسان تي دٻاءُ وجهي معاملو لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جي پٽ علائقي جي پوليس سان گڏ مانسهره ۾ اسان جي گهر تي آيو هو ۽ اسان تي دٻاءُ وڌو هو، منهنجي پٽ کي حادثي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جسٽس شهزاد ملڪ پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، هن 66 صفحن تي مشتمل شڪايت داخل ڪرائي آهي، هن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي 29 مئي تي درخواست موڪلي هئي ،اهي به اطلاع آهن ته جسٽس شهزاد ملڪ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ٻه ڪلاڪ ملاقات ڪئي آهي،جسٽس شهزاد ملڪ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آڏو مختلف معاملن تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ جيڪڏهن اهو ريفرنس ٻڌڻي لاءِ منظور ٿي ويو ته جسٽس شهزاد ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي معاملي تي به سوال اٿي ويندا، جسٽس شهزاد ملڪ جي برطرفي به ٿي سگهي ٿي،