اٽو، کنڊ، چانور، ٻارن جو کير مهانگو، نان فائلرن جي پرڏيهه وڃڻ تي بندش

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانا چيو آهي ته ايندڙ مالي  سال کان پروسيسنگ ۽ پيڪڊ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين ۽ انڊسٽري نمائندي شيخ وقار احمد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، انڊسٽري نمائندي شيخ وقار چيو ته سيلز ٽيڪس هوريان هوريان وڌايو وڃي، سيلز ٽيڪس سان ٻارن جي کير جي اگهه ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي ويندي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته کير جي ڪمپنين ٻن ورهين دوران پنهنجا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌايا، کير جي ڪمپنين واهپيدارن تي وڌيڪ بار وڌايو پر حڪومت کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، حيران ڪندڙ آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڊسٽري بيوٽرز به ٽيڪس نيٽ ۾ ناهن، ايندڙ مالي سال کان زيرو ريٽنگ مڪمل ختم ڪئي وئي آهي. ايف بي آر چيئرمين موجب درآمدي کير مقامي کير کان ٻيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ايندڙ مالي سال کان پروسيسنگ ۽ پيڪڊ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو، جيڪڏهن اسان 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڇڏي ڏيون ته ڪمپني به پنهنجي قيمت 18 سيڪڙو گهٽ ڪري.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ناڻي بابت  اسٽينڊنگ ڪميٽي نان فائلرز جي پرڏيهه سفر تي پابندي جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽي نان فائلرز جي پرڏيهي سفر تي پابندي جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ وارن خلاف انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. حج، عمري تي ويندڙ، ننڍڙا ٻار، شاگرد ۽ نائيڪوپ رکندڙ پاڪستانين کي ڇوٽ حاصل هوندي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪرڻ وارن خلاف انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. چيئرمين ايف بي آر موجب نان فائلرجي موبائل سم، بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشن به ڪٽيا ويندا. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نان فائلر جي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائي، نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته نان فائلرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح به وڌيڪ آهي، نان فائلرز جي موبائل سم ۽ ڪاروبار به بند ڪري سگهجي ٿو.  5 لک نان فائلرز جي لسٽ ۾ 20 لک کان وڌيڪ سالياني آمدني وارا ماڻهو به شامل آهن، جن ماضي ۾ ٽيڪس ريٽرن ۾ پنهنجي آمدني جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.