اسلام آباد(م ڊ) ٽيريان ڪيس ۾ عمران کي نااهل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد ڪرڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. شهري محمد ساجد پنهنجي وڪيل رفعت حسين ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ عمران خان، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ حڪومتي پارٽين کي ڌر بڻايو آهي. اپيل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 21 مئي 2024 جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني پنهنجي ڌيءَ ٽيريان وائيٽ کي دستاويزن ۾ ظاهر نه ڪيو، ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو. ڪيليفورنيا جي عدالت طرفان سندس ولديت ثابت ڪئي وئي.
-
امڪاني ٻوڏ، حفاظتي اپاءَ نه وٺڻ خلاف درخواست داخل
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي/سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ محمد خان امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ حفاظتي اپاءَ نه وٺڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري آبپاشي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي 20 جون جي تاريخ ڏئي ڇڏي، درخواستگذار محمد خان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ جو خطرو ٻڌايو پيو وڃي ،2022 کان به وڌيڪ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين انتظاميا طرفان حفاظتي اپاءَ نه ورتا ويا آهن، حفاظتي بند ڪمزور آهن، ايمرجنسي لاءِ ڪو نظام متعارف نه ڪرايو ويو آهي، درخواست گذار وڌيڪ چيو ته 2022 ۽ 2010 جا ٻوڏ متاثر هن وقت تائين پنهنجن گهرن ڏانهن واپس نه موٽي سگهيا آهن، وري اهڙي ٻوڏ آئي ته وڏي تباهي اچي سگهي ٿي.