لاهور(معظم فخر) عيد کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۾ گهڻيون تبديليون ٿيڻ واريون، سختي ۾ به واڌ جون تياريون،ان حوالي سان تصديق ٿيل ذريعن ٻڌايو آهي ته اهي تبديليون آپريشنل سائيڊ تي هونديون، اهم ڳجها ادارا به انهن تبديلين جي وڪڙ ۾ ايندا نئين ٽيم ميدان ۾ لاٿي ويندي، عمران خان سان ڳالهين لاءِ اسٽيبلشمينٽ ابهام واري ڪيفيت ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ واضح اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ڳالهيون نه ٿينديون،جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ اندر عمران خان لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪردارن کي به واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته طئي ٿيل پاليسي کان انحراف ڪيو ته انهن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ لاءِ فوري طور تي ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو،نئين ٽيم ۾ سخت گير آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو، اسٽيبلشمينٽ وٽ سخت گير پاليسي اختيار ڪرڻ جو به جواز موجود آهي،عمران خان ”وڏي صاحب“ سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري واضح ڪيو آهي ته هو رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون چاهي ٿو،جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف ۽ محسن نقوي مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن،فضل الرحمان کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويندو ته توهان کي ڪي پي ۾ پنهنجو وڃايل مينڊيٽ واپس حاصل ڪرڻو آهي ته توهان کي علي امين گنڊاپور جي حڪومت خلاف ميدان ۾ نڪرڻو پوندو،اتي ڌرڻا، جلوس، ريليون ڪڍڻيون پونديون،ان ڪري ئي فضل الرحمان بيان ڏنو آهي ته مون کي عمران خان وٽ وڃڻ لاءِ ڪا به تڪڙ ناهي،جڏهن ته وفاقي بجيٽ ۾ پ پ پاران ن ليگ جو ساٿ نه ڏيڻ جي اشارن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر پ پ سان رابطن جو اعلان ڪيو ان صورتحال ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي،آصف زرداري کي به پيغام ڏنو ويو آهي ته اها ئي ڪمپني هلندي ڪا به رنڊڪ ناهي وجهڻي،تحريڪ انصاف سان رابطن کان پاسو ڪيو وڃي،عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ به قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،