بجيٽ جي موسم ۽ آءِ ايم ايف

تحرير: وسعت الله خان

اسان کي ٻڌايو  ويو آھي ته اسان جا ٽي وڏا دشمن آهن، ھندوستان، دهشتگرد ۽ آءِ ايم ايف.ھندوستان سان اسين ڳالهايون ڪرڻ  چاهيون ٿا پر ھندوستان  اسان سان ڳالهائڻ نٿو چاهي. دهشتگرد تڏھن کان دهشتگرد آهن جڏھن کان  اهي اسان  جي ڪم جا ناھن  رهيا  ۽ آءِ ايم ايف اهو ابدي دشمن آهي جنهن سان گڏ  بھ گذارو نٿو ٿئي ۽ جنھن کان سواءِ بھ گذارو نٿو ٿئي.

خوش قسمت آھن اهي رياستون  جن کي اھڙي خانداني اشرافيه ميسر ھجي،جيڪا ڏکئي وقت ۾پيش ايندڙ ڪنھن بھ سنگين چئلينج جي مقابلي ڪرڻ جي لاءِ  ماڻهن کي نه پر پاڻ کي اڳيان ڪندي آھي، پر اهڙا مثال گھٽ ئي ملندا آهن.

پاڪستان سميت اڪثر رياستن جي اشرافيه جو منشور ھي آهي، ” اسان وٽ ايندا ته ڇا آڻيندا ۽ اسين توهان وٽ پير ڀري اينداسين تھ ڇا ڏيندا“اهڙن ’شرفن‘ کي پنهنجي انتظامي، معاشي ۽ سياسي بي اعتدالين کي جاري ساري رکڻ يا ان تي پردي وجھڻ يا انھن جي ذميواريءَ قبول ڪرڻ بچڻ جي لاءِ ڪو نھ ڪو پنچنگ بيگ گھربل ھوندو آھي.

اڄ ڪلھھ جئين  ته بجيٽ جي موسم آهي، تنھنڪري IMF اسان جي پسنديده پنچنگ بيگن ۾ سرفھرست آهي.

ماڻهن کي ريڙھي تي ويھاري  قرض ۽ خيرات گهرندڙن جي طرفان ھميشھ اھو تاثر ڏنو ويندو رھيو آھي  ته اسين  تھ عام ماڻهو لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا پر مئو، آءِ ايم ايف اسان کي ائين ڪرڻ نه ٿو ڏئي.اچو ته هڪ لمحي لاءِ آءِ ايم ايف کي وساري ڇڏيون ۽ پنهنجي قومي آمدني ۽ خرچن جي جوڙ ڪٽ  ڪري عام ماڻهوءَ جي بار کي گھٽ ڪري ڏيکاريون.

سچ  اهو آهي ته اسان جي سالياني وفاقي آمدني 100روپيا آهي. ان مان 58 رپيا صوبا کڻي ٿا وڃن. هاڻي مرڪز  وٽ باقي بچيا 42 رپيا. پر قرضن  جو وياج 55 رپيا آهي. جڏهن ته دفاع، سول انتظاميه ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ بھ گهٽ ۾ گهٽ 50 رپيا وڌيڪ گهربل آهن.يعني مرڪز کي 42  رپين مان 105 رپين جي لازمي ذميدارين کي پورو ڪرڻ جو نھ ٿي سگھڻ جھڙو ڪم انجام ڏيڻو آهي.

هاڻي ٻھ طريقا آهن ان مسئلي کي منھن ڏيڻ جا، پهريون اھو تھ جيڪي لازمي خرچ آھن،اوتري ئي آمدني وڌائي وڃي،نيت ھجي تھ اھو ايترو ڏکيو ڪم بھ ناهي.

خام مال کي تيار مال  ۾ تبديل ڪري وڪڻڻ ۽ ٻاھران کان  فقط ضروري گھرج  جي سامان خريد ڪرڻ  جي پاليسي سان به آمدني توازن  ۾ اچي سگهي ٿي. ٽيڪس چورن  ۾ مڪمل هٿ وجھڻ سان بھ وڌي سگھي ٿي، جيڪي حيلو ھلائيندڙ ٿلھا متارا فرد ۽ شعبا تاحال ٽيڪس کا بچندا آيا آھن،انھن جي ڳچيءَ پڪڙي  ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان به آمدني وڌي سگهي ٿي.

وزارتن ۽ کاتن جي تعداد گھٽ ڪري يا انھن کي ضم ڪري انتظامي خرچن ۾ ڪمي سان بھ آمدني وڌي سگھي ٿي. عسڪري ۽ سول  نوڪرشاھي جي غيردفاعي، غير انتظامي ۽ غير ضروري رعايتن کي ختم ڪري يا رعايتي عدم توازن  مٽائي بھ آمدني وڌائي سگهجي ٿي. پاڙيسري ملڪن  کي به اقتصادي راهداري جي سهولت ڏيڻ ۽ ان جي عيوض ٽرانزٽ فيس مان بھ ڪمائي ٿي سگهي ٿي.

پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ  امن امان بھتر بڻائي ۽ ون ونڊو منظوري  سان خودڪار نظام لاڳو ڪري۽ علائقائي ملڪن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي  حاصل رعايتن جي برابر سھولتون ڏئي ڪري ۽ انهن سان واپار وڌائي ڪري بھ پئسو بچائي۽  ڪمائي سگهجي ٿو.ٻيو رستو ھي  آهي ته قرض تي قرض کڻي رياست جو ڪاروبار تيستائين  هلايو وڃي، جيستائين ان ملڪ جي گروي ٿي سگھڻ جھڙي شيءَ عيوض اوڌر جي ٻوجھھ سان رياست جو چرخو نھ ويھي رھي.پر اهو رستو اھا ئي اشرافيه چونڊي سگهي ٿي جيڪا پنهنجي ئي ملڪ کي ھڪ جديد بيٺڪيت سمجھي ڪري هلائي رهي ھجي. جنھن کي ملڪ ٻڏڻ يا ٽٽڻ جي صورت ۾ هتي ناھي رهڻو. ان پنهنجو ،پنھنجي عزيزن ۽ ساٿين جو  ٻاھرين ملڪن ۾ ھڪ جامع قسم جو اڳواٽ بندوبست ڪري ورتوآهي.

اھڙي اشرافيه جيڪا انڌي رعايت يا ملڪ جي مستقبل مان ھڪ جي چونڊ ڪرڻ جي فيصلائتي موڙ  تي رعايت ڪنھن بھ صورت ۾ نھ ڇڏڻ  جي رستي تي لڳي چڪي آهي ۽ جيڪو به هن نظام بدمعاشيھ کي چيلينج ڪندي  قومي معاشي ۽ سياسي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن جو مطالبو ڪري، اشرافيه ان کي غدار قرار ڏيڻ ۾ذرو  دير نه لڳائي ۽ جلد کان جلد بچيل سچيل گوشت بھ رياست جي پڃري تان لاھڻ بعد رعيت لاءِ هڏيون ڇڏي  اڳيان وڌي وڃي.

هن ملڪ جا ماڻهو ڀلي ’ڪنزيومر پرائس انڊيڪس‘ نالي پکيءَ کان واقف نه هجن، غربت جي لڪير يا فوڊ سيڪيورٽي ڪھڙي بلا جو نالو آهي يا مائيڪرو ۽ ميڪرو انڊيڪيٽرز ۾ فرق نھ ڄاڻندا ھجن،خساري جي سرمائيداري۽ ادائيگين جي توازن جا اصطلاح ڀلي انھن جي مٿان کان گذري  ويندا ھجن، پر هڪ ڳالھھ کان  هاڻي ٻار ٻار واقف ٿي چڪو آهي ته طوفان  ۾ ڦاٿل جهاز جي ڪپتان، سينيئر عملي ۽ اول درجي ۾ سفر ڪندڙ ڪندڙ شرفا جو ڌيان روٽ ميپ تي گھٽ ۽ جھاز ۾ رکيل هنگامي حالتن ۾ استعمال  ٿيندڙ لائف بوٽس تي وڌيڪ آهي.ڊيڪ تي بيٺل وائلن وڄائيندڙن کي حڪم آهي ته تيستائين ‘سڀ ٺيڪ آهي’ جي ڌن  وڄائيندا رھو جيستائين  بچائيندڙ ٻيڙين جي سواري پوري نھ ٿي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.