لاهور (بيورو+م ڊ)پنجاب پوليس اينڪر ۽ يوٽيوبر عمران رياض کي سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر موجب عمران رياض لاهور ايئرپورٽ جي چيڪ پوسٽ تي ساٿين سميت سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت ڪئي. 12 جون تي سندس خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس سرور روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب عمران رياض چيڪ پوسٽ تان گاڏي سڪيورٽي اهلڪار مٿان چاڙهي اڳتي نڪري ويو، جنهن سان سڪيورٽي بيريئر کي نقصان پهتو. عمران رياض خلاف 5 جون 2024 تي لاهور جي نشتر ڪالوني ٿاڻي تي امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪندي مٿس اڍائي ڪروڙ رپيا وٺڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. سندس خلاف اهو ڪيس خارج ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ کيس نئين ڪيس ۾ پنجاب پوليس گرفتار ڪري ورتو.