علي ڳڙهه انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ شاگردن جي ٺاهيل پراجيڪٽس جي نمائش

ڪراچي (پ ر) علي ڳڙهه انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ شاگردن جي ٺاهيل پراجيڪٽس جي نمائش ڪرائي وئي جنهن جو خاص مهمان سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر قاضي عارف علي، واٽر بورڊ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد صلاح الدين ۽ اسٽيويٽا جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر منور علي مٺاڻي هو.

تقريب ۾ ايف پي سي سي آءِ جي ڪنوينر ماهين سلمان، شان هارون، اسٽيوٽا جي يوسف بلوچ، سائٽ سپر هاءِ وي ايسوسيئيشن جي صدر شاهين الياس سروانا

اي آءِ ٽي  گورننگ باڊي جي ميمبر سيد فرخ احمد نظامي ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

سنڌ بورڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر قاضي عارف علي پروجيڪٽ جي نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ اسٽالن جو دورو ڪيو.

هن شاگردن پاران تيار ڪيل پروجيڪٽ کي منفرد ۽ متاثر ڪندڙ قرار ڏنو. نمائش ۾ صنعتن جي اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي صلاحيتن کي ساراهيو. نمائش ۾ وڌيڪ ڪمپنيون ۽ ادارا موجود هئا.

ان موقعي تي ڊاڪٽر قاضي عارف چيو ته اي آءِ ٽي جي شاگردن جا خيال جديد ٽيڪنيڪل صلاحيتن سان مالا مال آهن، جيڪي سندن پروجيڪٽ ۾ نمايان آهن.

شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن ۽ مهارتن جو اظهار ڪرڻ لاءِ اهڙا موقعا ڏيڻ گهرجن.

نمائش ۾ شرڪت لاءِ اسٽيوٽا جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر منصور علي مٺاڻي خاص مهمان طور پهتو هو. هن چيو ته شاگردن جا ڪيترائي پراجيڪٽ انڊسٽري لاءِ اهم آهن

۽ انهن کي صنعت جي سهڪار سان واپاري پئماني تي  تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

واٽر بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد صلاح الدين شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ سهڪار ۽ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

علي ڳڙهه انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي پرنسپال شاهد جميل چيو ته اسان هن نمائش کي گذريل 18 سالن کان ڪرائي رهيا آهيون. هن نمائش ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرڻ تي انتظاميا کي به مبارڪباد ڏني.

تقريب جي پڄاڻي تي 78 پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ 26 بهترين پروجيڪٽ ايڊوائزر کي شيلڊون ڏنيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.