قابليت ۽ ڪم ڏسي ايوارڊ ڏنا وڃن: فيصل قريشي

پاڪستاني جي ناليواري اداڪار فيصل قريشي اعتراف ڪيو آهي ته جڏهن پهريون اسٽائل ايوارڊ مليو ته کلندو رهيس، ۽ سوچيم ته ڪهڙي سبب جي ڪري ايوارڊ مليو.
اداڪار فيصل قريشي تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، هن نجي ۽ پروفيشنل زندگي جي حوالي سان ڳالهايو.
انٽرويو دوران فيصل قريشي جو چوڻ هو ته گهڻا ماڻهو چوندا آهن ته مونکي بشر مومن ۾ شاندار اداڪاري تي ايوارڊ ملڻ گهرجي ها، پر ان تي ايوارڊ نه مليو ۽ ٻين ڪجهه ڊرامن تي به ايوارڊ نه ڏنا ويا.
فيصل قريشي ملڪ ۾ ايوارڊز جي طريقيڪار تي به سوال اٿاريو ۽ چيو ته جنهن طريقي سان ايوارڊز ڏنا ويندا آهن اهو غلط آهي.
اداڪار ٻڌايو ته ماضي ۾ مونکي پهريون لڪس اسٽائل ايوارڊ رومانوي ڪاميڊي ڊرامي سبب مليو ۽ اهو ايوارڊ ملڻ تي مان کلندو رهيس ته اهو ڇا جي ڪري ڏنو ويو؟
هن چيو ته ايوارڊ شو ۾ موجود ٻيا اداڪار به چوندا رهيا ته مونکي ايوارڊ ڇو ۽ ڪيئن مليو؟.
فيصل قريشي تجويز ڏني ته ايوارڊز جيوري جي مختلف شعبن ۾ اداڪار جي اهليت ۽ اداڪاري کي ڏسي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو وڃي
FaisalQuraishi Awardshows pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.