آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪست تي عوام جيان اسان به ڏُکارا آهيون: نسيم شاهه

فلوريڊا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته اسان قبول ڪرڻ چاهيون ٿا ته ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم طور اسان سٺي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي.
نسيم شاهه ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪست تي ڳالهائيندي چيو ته عوام جيان اسان رانديگرن به ڏُکارا آهيون.
ورلڊ ڪپ جي ڏکين پچز بابت ڳالهائيندي نسيم شاهه چيو ته اسان پروفيشنل ڪرڪيٽرز آهيون، اسان کي هر صورتحال ۾ کيڏڻ گهرجي.
هن چيو ته اسان کي اِها حقيقت قبول ڪرڻي پوندي ته ٽيم طور اسان سٺي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، ڪپتان بابر اعظم سان شڪايت ناهي ته ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ لاءِ ڇو نه موڪليو، ٿي سگهي ٿو مون کان به شاٽ نه لڳي ها.
نسيم شاهه چيو فلوريڊا ۾ برسات جون خبرون اچي رهيون آهن، اسان رڳو ايترو سوچي رهيا آهيون ته ميچ ٿئي ۽ اسان وڏي مارجن تان کٽيون.

NaseemShah T20WorldCup2024 Paksitancricketteam

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.