اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي آزادي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي.
ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ثبوت ۽ فرانزڪ ٿيل دستاويز ٽرائل دوران فراهم ڪيا، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اهو ظاهر نٿو ڪري ته ڪهڙن بنيادن تي جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو.
واضح رهي ته ٻه رڪني بئنچ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين آجو ڪري ڇڏيو هو، ان کان اڳ خاص عدالت ڪيس ۾ ٻنهي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
imrankhan shahmehmoodqureshi pti