لاهور(معظم فخر) ن ليگ جي صدر نوازشريف عمران خان پاران ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي،معيشت ٽريڪ تي اچڻ شروع ٿي وئي،وياج شرح ۾ گهٽتائي ڪري ڪاروباري طبقي کي رليف ملڻ به شروع ٿي ويو آهي، ايس آءِ ايف سي جي ڪردار تي سوال اٿاريندڙن کي اهو جواب ملي ويو آهي ته عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي بلڪه داسو پاور پراجيڪٽ ۾ به ڀائيواري جو اعلان ڪيو آهي، عمران ڳالهين لاءِ مينڊيٽ واپسي جو شرط رکيو آهي، ڇا حڪومت عمران کي مبينه طور کسيل مينڊيٽ واپس ڪندي؟ نوازشريف معاشي استحڪام لاءِ کڄندڙ قدمن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ملندڙ هاڪاري موٽ جو ڪريڊٽ هن ڀيري هٿان وڃائڻ نٿو چاهي،هو پنجاب ۾ پنهنجي سياسي مخالفن کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻ چاهي ٿو، نوازشريف اهو به فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين شيون ٽريڪ تي نٿيون اچن تيستائين پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نه ٿينديون،عمران خان جو جيل ۾ رکڻ ۽ سياسي بي يقيني پکيڙيندڙ قوتن جي حوصله شڪني ضروري آهي، سوشل ميڊيا تي بي يقيني پکيڙڻ جي خاتمي لاءِ فائر وال لڳي چڪو آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 جون 2024ع تي شايع ٿيو
ImranKhan PTI NawazSharif