اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڳالهين ۽ ساڻس جيڪو ڪجهه ٿيو اِهو معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته وڪيلن جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي جنهن ۾ عمران خان چيو ته هن جو پٽن سان رابطو نه پيو ڪرايو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پشتونخوا ملي عوامي پارٽي محمود خان اچڪزئي سان مشاورت ڪري ڳالهين جي شروعات ڪنداسين، ڳالهيون ڪرڻ پي ٽي آءِ جو پنهنجو فيصلو آهي پر محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين پارٽين سان اتحاد آهي کين اعتماد ۾ ورتو ويندو، ڳالهيون الائنس جي سطح تي به ٿينديون، پي ٽي آءِ پاڻ به شروعات ڪري سگهي ٿي. بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي اسان ڳالهين کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو، برف پگهري رهي آهي اسان چاهيون ٿا ته حالتون بهتر ٿي وڃن، اسان جي ڳالهين جي آڇ کي ڪنهن معاهدي سان تعبير نه ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ کي ڳالهين لاءِ ڪو خط ناهي لکيو، سپريم ڪورٽ جي ڳالهين واري آپشن جو جواب به پي ٽي آءِ ڏيندي.
عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان مايوس
اسلام آباد(عمران شفقت) عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان نااميدي جي عالم ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي، ٻن ڏينهن کان خبرون هلي رهيون هيون ته سپريم ڪورٽ جي مشوري تي عمران خان سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪندو، عمران خان فوج کي ڌمڪيون ۽ داٻا به ڏئي ويٺو پر کيس هر صورت ۾ ناڪامي ملي، اسٽيبلشمينٽ ڪا به نرمي نه ڏيکاري، پي ٽي آءِ وارا هاڻي اها دعويٰ پيا ڪن ته آرمي چيف جو پيغام سپريم ڪورٽ ذريعي مليو آهي،اڊيالا جيل ۾ حامد ناصر چٺا جي پٽ احمد چٺا ملاقات ڪئي جنهن ۾ کيس پيغام موڪليو ويو ته توهان صدرآصف زرداري سان ڳالهيون ڪريو، هو توهان لاءِ ڪو رستو ڪڍي سگهي ٿو،
نوازشريف عمران جي ڳالهين واري آڇ رد ڪري ڇڏي
لاهور(معظم فخر) ن ليگ جي صدر نوازشريف عمران خان پاران ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي،معيشت ٽريڪ تي اچڻ شروع ٿي وئي،وياج شرح ۾ گهٽتائي ڪري ڪاروباري طبقي کي رليف ملڻ به شروع ٿي ويو آهي، ايس آءِ ايف سي جي ڪردار تي سوال اٿاريندڙن کي اهو جواب ملي ويو آهي ته عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي بلڪه داسو پاور پراجيڪٽ ۾ به ڀائيواري جو اعلان ڪيو آهي، عمران ڳالهين لاءِ مينڊيٽ واپسي جو شرط رکيو آهي، ڇا حڪومت عمران کي مبينه طور کسيل مينڊيٽ واپس ڪندي؟ نوازشريف معاشي استحڪام لاءِ کڄندڙ قدمن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ملندڙ هاڪاري موٽ جو ڪريڊٽ هن ڀيري هٿان وڃائڻ نٿو چاهي،هو پنجاب ۾ پنهنجي سياسي مخالفن کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻ چاهي ٿو، نوازشريف اهو به فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين شيون ٽريڪ تي نٿيون اچن تيستائين پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نه ٿينديون،عمران خان جو جيل ۾ رکڻ ۽ سياسي بي يقيني پکيڙيندڙ قوتن جي حوصله شڪني ضروري آهي، سوشل ميڊيا تي بي يقيني پکيڙڻ جي خاتمي لاءِ فائر وال لڳي چڪو آهي،
اچڪزئي يا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون:راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سياسي جماعتن وچ ۾ ڊائلاگ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي، پي ٽي آءِ نئون 9 مئي تي ڪم ڪري رهي آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته محمود اچڪزئي هجي يا فضل الرحمان هجي انهن ٻنهي جو پ پ ۽ ن ليگ سان سٺو تعلق آهي، انهن سان ڳالهين ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي جيڪڏهن اهي ملڻ چاهين ته اسان پاڻ به انهن سان رابطو ڪري سگهون ٿا،ڳالهيون غيرمشروط هئڻ گهرجن
عمران خان جي جلد آزادي جو شوشو
اسلام آباد(فخر دراني) پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل مان آزاد ٿيڻ وارو آهي؟سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هر ٻن ٽن مهينن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ شوشو ڇڏيندي آهي ته عمران خان جلد آزاد ٿيڻ وارو آهي، هن خلاف توشاخانه ۽ سائفر ڪيس ختم ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هڪ ڪيس عدت نڪاح ڪيس بچي ٿو، هو جلد عوام جي وچ ۾ هوندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيستائين عمران خان 9 مئي واقعن تي عوام ۾ اچي معافي نٿو وٺي تيستائين هن جي آزادي ممڪن ناهي،عدالتون ڀلي هڪ ٻئي مٿان ڪيسن ۾ کيس رليف ڏين پوءِ به ڪاٺ ۾ رهندو، ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ وٽ عمران خان جي قيد ڊگهي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي آپشنز آهن،جيڪڏهن عمران خان کي عدت نڪاح ڪيس ۾ بري ڪيو وڃي ٿو ته نيب جو هڪ ٻيو توشاخانه ڪيس مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، ان کانپوءِ القادر ٽرسٽ ڪيس آهي،جڏهن ته 9 مئي جي حوالي سان بي شمار ڪيس به پائيپ لائن ۾ آهن،اهي ڪيس ايترا آهن جو هڪ مان ضمانت ٿي ته ٻئي ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي،جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ ادارن خلاف جيڪا نفرت جوڳي مهم شروع ڪئي آهي ان ۾ اسٽبيلشمينٽ ۽ حڪومت اهو سمجهن ٿيون ته پي ٽي آءِ ملڪ اندر يا ٻاهرين ملڪ هڪ ٻي 9 مئي ڪرڻ جي تياري ۾ آهي