عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان مايوس

اسلام آباد(عمران شفقت) عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان نااميدي جي عالم ۾ سياسي جماعتن سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي، ٻن ڏينهن کان خبرون هلي رهيون هيون ته سپريم ڪورٽ جي مشوري تي عمران خان سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪندو، عمران خان فوج کي ڌمڪيون ۽ داٻا به ڏئي ويٺو پر کيس هر صورت ۾ ناڪامي ملي، اسٽيبلشمينٽ ڪا به نرمي نه ڏيکاري، پي ٽي آءِ وارا هاڻي اها دعويٰ پيا ڪن ته آرمي چيف جو پيغام سپريم ڪورٽ ذريعي مليو آهي،اڊيالا جيل ۾ حامد ناصر چٺا جي پٽ احمد چٺا ملاقات ڪئي جنهن ۾ کيس پيغام موڪليو ويو ته توهان صدرآصف زرداري سان ڳالهيون ڪريو، هو توهان لاءِ ڪو رستو ڪڍي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 جون 2024ع تي شايع ٿيو

ImranKhan PTI Establishment

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.