عمران خان جي جلد آزادي جو شوشو

اسلام آباد(فخر دراني) پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل مان آزاد ٿيڻ وارو آهي؟سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هر ٻن ٽن مهينن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ شوشو ڇڏيندي آهي ته عمران  خان جلد آزاد ٿيڻ وارو آهي، هن خلاف توشاخانه ۽ سائفر ڪيس ختم ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هڪ ڪيس عدت نڪاح ڪيس بچي ٿو، هو جلد عوام جي وچ ۾ هوندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيستائين عمران خان 9 مئي واقعن تي عوام ۾ اچي معافي نٿو وٺي تيستائين هن جي آزادي ممڪن ناهي،عدالتون ڀلي هڪ ٻئي مٿان ڪيسن ۾ کيس رليف ڏين پوءِ به ڪاٺ ۾ رهندو، ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ وٽ عمران خان جي قيد ڊگهي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي آپشنز آهن،جيڪڏهن عمران خان کي عدت نڪاح ڪيس ۾ بري ڪيو وڃي ٿو ته نيب جو هڪ ٻيو توشاخانه ڪيس مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي، ان کانپوءِ القادر ٽرسٽ ڪيس آهي،جڏهن ته 9 مئي جي حوالي سان بي شمار ڪيس به پائيپ لائن ۾ آهن،اهي ڪيس ايترا آهن جو هڪ مان ضمانت ٿي ته ٻئي ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي،جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ ادارن خلاف جيڪا نفرت جوڳي مهم شروع ڪئي آهي ان ۾ اسٽبيلشمينٽ ۽ حڪومت اهو سمجهن ٿيون ته پي ٽي آءِ ملڪ اندر يا ٻاهرين ملڪ هڪ ٻي 9 مئي ڪرڻ جي تياري ۾ آهي

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 جون 2024ع تي شايع ٿيو

ImranKhan PTI Socialmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.