نيشنل پارڪ ۾ سمورا ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ دامن ڪوه تي مونال سميت نيشنل پارڪ جا سمورا ريسٽورنٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  عدالت چيو آهي ته نيشنل پارڪ ۾ موجود ريسٽورنٽ ٽن مهينن اندر بند ڪيا وڃن.عدالت پير سوهاوا روڊ تي واقع سمورن ريسٽورنٽ کي ٽن مهينن اندر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نيشنل پارڪ ۾ موجود ريسٽورنٽ کي ڏنل سموريون ليزون رد ڪري ڇڏيون.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدليه جو مقصد نيشنل پارڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. عدالت چيو ته نيشنل پارڪ کانسواءِ ٻين سمورن ريسٽورنٽس کي جاري ڪيل غير ضروري نوٽيس رد ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ جو ڌيان صرف نيشنل پارڪ جي حدن تي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.