جماعت اسلامي سنڌ ليبر ڪوڊ کي مزدور دشمن قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ليبر ڪوڊ کي رد ۽ مزدور دشمن قرار ڏيندي زور ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان مزدور اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي، ليبر ڪوڊ تجويزون سرمائيداراڻي نظام کي وڌيڪ طاقتور، مزدورن کي لاوارث، ٽريڊ يونينز جي حوصله شڪني ۽ سندن ڳلو ڪپڻ برابر آهن. ٻي طرف بدترين مهانگائي، بيروزگاري جي ڪري مزدور طبقي لاءِ ساهه ۽ جسم جو رشتو بحال رکڻ به محال ٿي پيو آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ ليبر ڪوڊ جون سفارشون مزدورن کي بيگار ڪيمپ ۾ ڌڪڻ برابر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ليبر فيڊريشن (NLF) سڌ جي صدر شڪيل احمد خان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته عوامي ۽ جمهوري پارٽي هئڻ جي دعويدار پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران مزدور دشمن قانونسازي ڪرڻ فڪر جوڳو مقام آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.