ايم اين اي جي پيرن ۾ ويهندڙ ايس ايڇ او ماٿيلو بدلي

گهوٽڪي (رپورٽ : آزاد مھر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ناحق خون, ايم اين اي جي پيرن ۾ ويهندڙ ايس ايڇ رضا بلو جي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي مقرري جي خبر عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد ايس ايڇ او بدلي, قابل ڀيو ايس ايڇ او  ميرپورماٿيلو مقرر.رپورٽ موجب شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ هلندڙ آهي ڪيس ۾ پوليس هڪ جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪيو هو جڏهن ته جوابدار برڪت لنڊ ۽ سھولتڪار عبدالله لنڊ جي گرفتاري عمل نه اچي سگهي آهي اهڙي صورتحال دوران ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي تازو ئي مقرر ٿيل ايس ايڇ او رضا بلو جون ايم اين اي خالد لنڊ جي پيرن ۾ ويهڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جون خبرون روزاني عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد رضا بلو کي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تان هٽايو ويو آهي جڏهن ته قابل ڀيو کي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او رضا بلو جي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي مقرري تي سوشل ميڊيا تي باھ ٻري وئي ۽ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته ايم اين اي خالد لنڊ جي پيرن ۾ ويهندڙ رضا بلو کي ميرپورماٿيلو ۾ مقرر ٿيڻ بعد هو شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو اهڙيون خبرون روزاني عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد رضا بلو کي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تان هٽايو ويو آهي قابل ڀيو کي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.