سليم مانڊوي والا سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن سينيٽر سليم مانڊوي والا کي فنانس  ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو.رپورٽ مطابق پي ٽي آءِ ميمبرن شبلي فراز ۽ محسن عزيز سليم مانڊوي والا خلاف ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو. حڪومتي ميمبرن سينيٽر سليم مانڊوي والا کي چونڊيو، سليم مانڊوي والا چيو ته گذريل ڀيري به سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ اليڪشن ٿي هئي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي، ڪميٽي هميشه اتفاق راءِ سان هلندي آهي، ڪڏهن به پارٽي بنيادن تي ڪميٽي نه هلائي وئي آهي، .سينيٽر شيري رحمان سينيٽر سليم مانڊوي والا کي چيئرمين ڪميٽي جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو، هن چيو ته مان اپوزيشن کي چوان ٿو ته هو پنهنجي ڪميٽي جي احتجاج جي فيصلي تي نظرثاني ڪري. شيري رحمان چيو ته اهڙو ڪو قانون ناهي ته ڪهڙي ڪميٽي ڪنهن وٽ هجي، اپوزيشن کي ڊڪٽيشن نه ڏيڻ گهرجي، اپوزيشن سمجهي ٿي ته خزاني واري بئنچ جي سينيٽر جو احتساب نٿو ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.