راولپنڊي (م ڊ ) لکي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 11 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب لکي مروت ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو، دهشتگرد موقعي تي ئي مارجي ويا، آپريشن دوران دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا.آءِ ايس پي آر موجب گذريل ڏينهن بارودي سرنگ ڌماڪي ۾ ڪيپٽن سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا هئا، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف لکي مروت آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن دهشتگردي جي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز هميشه ڪاميابي ماڻي آهي. پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. اسان پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريون ٿا.