فشر فوڪ پاران موسمياتي تبديلين سبب ٿيندڙ نقصان جي ادائيگي جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) فشر فوڪ ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن پاران ڪڍيل ريلي گورنر هائوس کان شروع ٿي ڪراچي پريس ڪلب آڏو پهتي. ريلي پاران گروپ آف جي سيون جي اڳواڻن کان جي سيون جي 50هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ترقي پذير ملڪن کي موسمياتي مالياتي فراهمي جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته موسمياتي تبديلي جو بحران وڌي رهيو آهي، جنهن  سبب ٽين دنيا جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو ان جي وڌندڙ تباهي واري اثر جو شڪار ٿي رهيا آهن،  سعيد بلوچ وڌيڪ چيو ته، ”گلوبل نارٿ جا امير، ترقي يافته صنعتي ملڪ پنهنجي تاريخي ۽ موجوده گرين هائوس گيس جي خارج ڪرڻ سان هن بحران کي پيدا ڪرڻ جا سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهن، پاڪستان فشر فوڪ جي سينيئر وائيس چيئرپرسن فاطمه مجيد چيو ته 2021 ۾ جاري ٿيل يواين ايف سي سي سي جي پهرين نيڊز ڊيٽر مينيشن رپورٽ ۾ ڪاٿو لاڳايو ويو آهي ته 2030 تائين  5.9 کان 11.4 ٽريلين ڊالر تائين گھٽتائي ۽ موافقت جي لاڳت جو اندازو لڳايو ويو آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته گلوبل سائوٿ کي اربين نه پر ٽريلين جي ضرورت آهي، اسان ان عذر کي رد ڪريون ٿا ته دنيا جون امير ترين قومون پنهنجون ذميواريون پوريون نه ٿيون ڪري سگهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.