مفتاح اسماعيل بجيٽ ۾ روينيو هدف کي غيرحقيقي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ)اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ايندڙ بجيٽ ۾ روينيو جي هدف کي غير حقيقي قرار ڏئي ڇڏيو.مفتاح اسماعيل چيو ته بجيٽ ۾ روينيو جو هدف غير حقيقي آهي، 9 هزار ارب رپين  جو خسارو ڪيئن پورو ٿيندو؟، هن چيو ته وفاق 1700 ارب ۽ صوبا 2500 ارب رپيا ترقياتي فنڊن ۾ خرچ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن، اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته حڪومتن کي ڦيٿا ڪٽڻ جو شوق هوندو آهي، کين عوام جي پئسي جي ڪا به پرواهه ناهي.

  1. عدالت عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سرگوڌا (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب جي 9 مئي هنگامن واري ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي.دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي  سي) سرگودها جي جج  9 مئي  تي باهين ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عمر ايوب جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.ٻئي طرف عمر ايوب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمر ايوب سڄو ڏينهن  عدالت جي ٻاهر موجود هئو پر پوليس کيس اندر اچڻ نه ڏنو، اسان پوليس جي قدمن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. سرگودها ۾ اپوزيشن اڳواڻ کي عدالت   وڃڻ کان روڪڻ تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ ان سان گڏ واڪ آئوٽ به ڪيو. ان موقعي تي اسد قيصر چيو ته عمر ايوب کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. حڪومت اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.