ڳجهن ادارن چونڊن جا نتيجا تبديل ڪيا: فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي همسفر اليڪشن جا نتيجا تسليم ڪيا ۽ اقتدار ۾  ويهي رهيا،اسان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، 2018 ۽ 2024ع ۾ جاسوس ادارن اليڪشن نتيجا تبديل ڪرايا، منهنجو اڊيالا جيل واري سان ڪو رابطو ناهي، ان حوالي سان ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عالمي طاقتون پاڪستان تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، اسان نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون،هن چيو ته اڄ دهشت گردي جي نالي تي جنرلن ۽ ايجنسين جي حڪمت عملي ناڪام ٿي وئي آهي، دهشت گردي ختم ٿيڻ بدران وڌي وئي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.