نورعين مهر قتل ڪيس، جوابدار پيءُ ۽ ڀاءُ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت  خان تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙن نورعين مهر قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڀان سيدآباد ڀرسان 2 سال اڳ ڳوٺ گلشير مهر جي رهواسي مقتوله نورعين فاطمه مهر جي قتل واري هلندڙڪيس جي ٻڌڻي ٿي.نورعين فاطمه مهر واري قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن ڄڻن پي ءَ محمد علي مهر ۽ ننڍو ڀاءَ  احسن مهر جي عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ ٻنهي ڄڻن کي ڪورٽ مان پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي نورعين فاطمه مهر جي دعويدار مڙس واپڊا ڄامشورو جي ملازم منصور سومرو چيو ته منهنجي جنگ جاري آھي، هن چيو ته منهنجو مقصد اهو آھي ته نورعين فاطمه جي روح کي تڏهن سڪون ايندو جڏهن مان قاتلن کي سزا ڏياريان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.