ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ خانگي اسڪول جي پرنسپال کي 10هين ڪلاس جي شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍي11 ۾ واقع خانگي اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ اسڪول جي پرنسپال منظر الهدي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب واقعي جو ڪيس مقتول ڇوڪري جي ڀيڻ جي فرياد تي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسڪول جي پرنسپال ڀيڻ سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، اسڪول جي پرنسپال ڀيڻ کي واٽس اپ تي فحش ميسيج موڪليندو رهيو ۽ پهرين جون تي پرنسپال ڀيڻ کي ڪمري ۾ ويهاري زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ مٿس تشدد پڻ ڪيو. ڪيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀيڻ پرنسپال سان جهيڙي کانپوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، واقعي جي وقت پرنسپال ڀيڻ کي ڪمري ۾ گهرايو هو، پرنسپال سي سي ٽي وي کي ڇت ڏانهن ڦيرايو هو. پوليس موجب واقعي جو ڪيس 2 ڏينهن اڳ 9 جون تي داخل ڪيو ويو هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.