اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ عيدگاهھ ويجھو ڳوٺ جندوڏو سولنگي ۾ وحشي جوابدا يوسف سولنگي پنهجي گهر واري کي پسٽل جا فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو اھڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي ليڊيز ڊاڪٽرياڻي نه ھجڻ سبب وارث عورت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڏھرڪي پھچايو جتي ضروري ڪاروا ئي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتولا جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ، ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ ساڳئي جوابدار محمد يوسف سولنگي پنهنجي سڳي ڀاءٌ حق نواز سولنگي کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو هو ، روپوش وحشي جوابدار اوچتو گھر پھچي پنھنجي گھر واري کي گوليون قتل ڪري ٻيھر آساني سان فرار ٿي ويو جوابدار پاران ٻي واردات ڪرڻ باوجود اوٻاوڙو پوليس گرفتار نه ڪري سگھي ۽ واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.