غوثپور (ن ع آ ) ضلعي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ امن ھڪ خواب بڻجي ويو۔ ڏوھارين جي رٽ برقرار رھڻ سبب عام ماڻھو جي زندگي اجيرن بڻجي ويئي، سنڌ حڪومت امن بحال نه ڪرائي سگھي، ديوان برادري ڀته مافيا جي ور چڙھي ويئي، مليل تفصيل موجب غوثپور ڀرسان ڪرمپور شھر مان ھلندڙ ھفتي وڌيڪ ھڪ ھندو ڪٽنب پنھنجي پريوار سان پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڌرتي کي الوداع ڪري ھليو ويو، ھندو واپاري جيتيندر ڪمار پنھنجي ڌرتي ماتا کي روئيندو الوداع ڪري پرديس ھليو ويو، ھن کان اڳ ھلندڙ ھفتي سني ڪمار به پنھنجي شھر ۽ ڌرتي کي الوداع ڪري ڪٽنب سميت موڪلائي ھليو ويو ھو، واضع رھي ته ھڪ مھيني اندر غوثپور ۽ ڪرمپور مان ڪيترائي ھندو خاندان امن نه ھجڻ، ڪاروبار تباھه ٿيڻ، ٻارن جي تعليم ۾ ڏکيائون پيش اچڻ ۽ ڀته مافيا گينگ جي مليل ڌمڪين بعد ڌرتي ڇڏي پرديس ھليا ويا آھن.