گھڻا خوش قسمت آھيو توهان جو توھان گھڻو ڪجھهھ ڄاڻو ٿا،بلڪھ سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا.اسان بدبختن وانگر لاعلمي ۽ جهل ۾ زندگي نٿا گذاريو.توهان نه ڀٽڪو ٿا، ڪيترن اڪابرن کان ٻڌو آهي ته جيڪي سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، اهي ڀٽڪندا نھ آهن. اسان بدبخت گھڻو ڀٽڪندا آھيون.
افلاطون جي فلسفي رخ وانگر اسان کي ڪجهه به سمجهھ ۾ نھ ايندو آھي. اولهه وڃڻ جو ارادو ڪري گهران نڪرندا آھيون،تھ اوڀر وڃي پھچندا آھيون. اڪابر پنهنجي خاصي ڳري مدلل دليلن سان اسان کي قائل ڪري ڇڏيو ھو تھ الله سائين نفي ۽ اثبات جا جوڙا ٺاهي رکيا آهن، جيئن رات ۽ ڏينهن، اونداهي ۽ روشني، گرمي ۽ ٿڌ، اونچ ۽نيچ . عين انھيءَ جيان عاقل ۽ جاهل، ذھين ۽ احمق جا جوڙا ٺاهي رکيا آهي. تنهنڪري سماج ۾ سڀ ماڻهو ذھين ناھن هوندا. سڀئي ماڻهو احمق ناھن ھوندا. سماج ۾ ٻنهي قسمن جا ماڻهو ھوندا آهن. ڪجھه ماڻهو ذھين هوندا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو بيوقوف هوندا آهن. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ذھين ماڻھن جي اڪثريت هوندي آھي ۽ مون جهڙن احمقن جو تعداد گهٽ هوندو آھي تڏھن اڪابر اسان کي اقليت ڳڻائيندا آھن.
اڪابرن اسان کي اهو به ٻڌايو آهي ته ترقي يافته يعني سڌريل ملڪن ۾ ملڪ جي سڀني شهرين کي برابري جو درجو حاصل ھوندو آهي. ڪنهن کي گهٽ درجي جو يا حقير ناهي سمجهيو ويندو. اھڙا ترقي يافته سڌريل ملڪ پنھنجي ڳالهھ تي اٽل ھوندا آھن. اهي اڳتي وڌي دعويٰ ڪندا آھن تھ انهن جي ملڪن ۾ سڀ شهري ھڪجھڙا ھوندا آهن. ڪو اڪثريت ۾ ناهي ھوندو، ڪو اقليت ۾ ناهي ھوندو، سڀني شهرين جا ھڪجهڙا حق ھوندا آهن. ترقي يافته ملڪن ۾ ڪڏهن به پنهنجي شهرين جي نسل، رنگ، ذات، مذهب ۽ برادريءَ جي بنياد تي ورڇ ورھاست نٿي ڪئي وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ ائين ڪڏهن به ٿيندو ته جيڪڏهن ڪنهن ملازم پيشھ ور مرد يا عورت کي ترقي ڏئي ڪري اعليٰ عهدي تي مقرر ڪيو وڃي ۽ دنيا کي ٻڌايو وڃي ته ڏسو، اسان جي ملڪ ۾ سڀني شهرين کي ھڪجھهڙا موقعاحاصل آھن.
گذريل ڏينھن ۾ جن ماڻھن کي ترقي ڏئي ڪري اعليٰ عهدن تي لڳايو ويو آھي، اهي رڳو عيسائي يا هندو نه هئا. انهن جو تعلق اقليت سان نه هو. اهي برابر جا شهري هئا. سندن قابليت جي بنا تي انھن جي ترقي ٿي آهي.ترقي ڏيندي اھو نھ سوچيو ويو ھو تھ انهن جو تعلق اقليت سان هو. اهي هندو هئا يا عيسائي ھئا. انھن رواجي ڳالھين جو ترقي يافته ملڪن ۾ ذڪر نٿو نڪري انهن وٽ ترقي جو معيار ھڪڙو ئي ھوندو آھي،قابليت ۽ ذهانت،پوءِ اھو شخص يا عورت چاهي هندو ھجي، سک ھجي، عيسائي ھجي، يهودي ھجي.اھڙين ننڍڙين ڳالھين جي لاءِ ترقي يافته ملڪن گنجائش نھ ھوندي آھي.
ھي جيڪو مان اوھان سان آڏيون ابتيون ڳالھيون کڻي ويھي رھيو آھيان،انھن ڳالھين جي سوچ سمجھھ بھ اسان کي اڪابر ڏني آھي.اڪابر اسان کي ٻڌايو آهي تھ سڄي دنيا جي ترقي يافتھ ملڪن جيان پاڪستان جي مڙني شھرين کي ٻھ دستاويز مڪمل تحفظ ڏين ٿا ھڪ آھي آئين ۽ ٻيو آھي بنيادي حق.اڪابر جي ڳالھين ٻڌڻ کانپوءِ ذھن ۾ عجيب ھوراکورا محسوس ٿي.ھوراکورا بي سبب نھ ھئي.اڪابر اسان احمقن جي مٿي ۾ وجھي ڇڏيو تھ سکڻ، سمجهڻ، ٻجھڻ اسان جهڙن مجهولن جو بنيادي حق آهي. ان انڪشاف کانپوءِ اسان وائڙا ڪجهه سکڻ، ڪجهه سمجهڻ جي لاءِ رلندا ڦرندا رھيا آهيون. ڪجهھ ٻجھڻ لاءِ ڪو موقعو ھٿان وڃائڻ نٿا ڏيون. مثال طور، پهرين پھرين اسان اھو ڄاڻي نھ سگھندا ھئاسين تھ ايندڙ ۽ ويندڙ حڪمران هڪ ئي طريقي سان حڪومت ڇو ڪندا آهن ؟ ڇو انهن سڀني حڪمرانن جون ڪوتاھيون ۽ ڪمزوريون هڪجهڙيون ھونديون آهن؟ ڇو پس منظر۾ ھلندڙ گيت، گانا ۽ نعرا ھڪجهڙا ھوندا آهن؟ ڇو ايندڙ حڪمرانن ۽ ويندڙ حڪمرانن کي چور، ڌاڙيل، ڦرلٽ ڪندڙ، رشوتي ۽ سرڪاري خزاني کي خالي ڪندڙ چوندا آھن ؟
الله ڀلو ڪري اڪابر جو،ھن اھو ڳجھه سلجھائي ڏنو. اڪابرن اسان کي ٻڌايو آهي ته جيڪو حڪمران جنھن پس منظر مان ايندو آهي، حڪومت بھ ان ئي پس منظر مطابق ڪندو آهي. نسل در نسل ڪاسائي جڏھن حڪمران بڻجي ٿوويھي،تڏھن حڪومت به ھڪ ڪاسائي وانگر ڪري ٿو.نسل در نسل هيرا ڦيري جي ھنر سان واڳيل شخص جڏهن مسلط ٿيندو آھي تڏھن سرڪاري خزاني کي خالي ڪرڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف جھڙن ادارن کان ملڪ جي فلاح بھبود جي نالي تي کربين ڊالرن جا قرض وٺي سڄي دنيا جي ملڪن ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي ھونھارن جي نالي تي ملڪيت جا ڍڳ لڳائي ڇڏي ٿو. هي اکين ڏٺيون ۽ ڪنن ٻڌيون ڳالھيون آھن.
مان بنا ھٻڪ جي اعتراف ڪريان ٿو تھ اڪابر اسان احمقن کي گهڻو ڪجهه ٻڌايو آھي ۽ سيکاريو آهي. هاڻي اسان اڳي جھڙا وائڙا نھ رهيا آهيون. گهڻو ڪجھه تھ ناھيون، پر ٿوري گھڻي دانشمندي اسان سکي ورتي آهي، اڳي جڏهن اسان حمود الرحمان جو نالو ٻڌندا هئاسين، تڏهن ڏاهن جون ڳالهيون غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ۽ آخرڪار گهٻرائجي ڪري پوندا ھئاسين. اسان سمجھي نھ سگھندا ھئاسين ته جناب حمود الرحمان صاحب ڪير آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟ پاڪستاني سياست سان ھن جي ڪھڙي قسم جي مٽي مائٽي آھي ؟ حمود الرحمان صاحب ووٽ وٺڻ وارو آهي يا ووٽ ڏيڻ وارو آھي ؟ اڪابر اسان کي سندس باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته حمود الرحمان صاحب ھڪ عدد رپورٽ بھ لکي آھي. تڏھن اسان احمقن کي ياد آيو ته اها رپورٽ پنجاهه سال اڳ اخبارن ۾ قسطوار ڇاپي وئي هئي. بعد ۾ اداري دارالشعور لاهور طرفان مڪمل متن سان ٻارهن سئو ٻارهن صفحن جي ڪتاب ۾ چپي ھئي. ان وقت اسان احمق ڪجھه ٿورا ٿورا احمق ھئاسين.ان رپورٽ ۾ جيڪو ڪجهھ لکيل هو، اھو پاڪستان جي پوئين ۽ ايندڙ نسل کي معلوم ھو،واضح اڪثريت سان اليڪشن کٽندڙ شيخ مجيب الرحمان کي،اسان اولھھ پاڪستان وارن حڪومت ڪرڻ نھ ڏني ھئي؟ ڇو؟ سڀ ٻار ان سوال جو جواب ڄاڻن ٿا.
)روزاني جنگ جي ٿورن سان)