”هڪ تصوير هڪ ڪهاڻي“ تي ٻه آڏا اُبتا اکر

تحرير: رخمان گل پالاري

گل حسن ڪلمتيءَ جي مخلتف وقتن تي لکيل هنن تحقيقي، تاريخي، معلوماتي ۽ دوستن سان گڏ گهاريل گهڙين جو هي ڪچو دستاويزي مواد جيڪو مون کي مليو آهي، سو تصويرن سميت ڇاهيتاليهه ڇرڪائيندڙ ڪهاڻين تي پکڙيل آهي، هر تصوير ۽ ان لکيل ڪهاڻيءَ سان گڏ ان تصوير اندر هڪ اَڻ لکيل ٻي ڪهاڻي به آهي، ان جو اڃان ئي هڪ الڳ داستان آهي….!!

منهنجي ڄاڻ مطابق گل حسن جا ان سٽاءُ وارا ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل مضمون سئو کان مٿي آهن. ڏهاڪو کان مٿي مضمونن جا نالا آئون ڳڻائي ٿو سگهان، جن مان هڪ به هن ڪتابي ڪچي مواد ۾ شامل ڪونهي، جئين ڀٽائيءَ جو پانواري جبل ۾ تڪيو، نارا ٿر جبل تي متارن جون قبرون، گڏاپ جو سماج سڌارڪ پانڌي فقير جوکيو، ملير جي تاريخ ساز شخصيت حاجي رسول بخش بلوچ، بڊو جبل، ها هُوت ۽ فقير گولو نوحاڻي، مائي ڪنڙيءَ جي قبر ۽ دُرا خان مري، چِٽي ڏر/وَٽِ، سيٺ غلام محمد بڪڪ، سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله شاهه، نور واهي تي غفار خان نوحاڻي ۽ حاجي خان نوحاڻي، ملڪ بولاخان برفت جي ڊٺل ڇٽيءَ واري گهاڙي قبر هفت تلار ٻيٽ مٿي منهنجي سُتل حالت واري نڪتل تصوير تي لکيل ليک، جنهن لاءِ مون کيس هٿ ٻڌا پر اصل نه مڙيو، ته اهي ليک ايترو جلدي ڪٿي لَٽجي ويا.

هن اَوِرچ انسان جي ذهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيئي ڪتاب ٿميل هوندا هئا، نه ڄاڻ هي انهن سان ڪئين پورَو پوندو هو، ڪراچي سنڌي جي مارئيءَ جي ٻئي ڇاپي لاءِ رولاڪيون پيا ڪيون ته ان وقت سسئيءَ جي واٽ وارو سفر پير تَرين ۾ ٻڌل آهي، ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار ۽ ڪراچيءَ جا اڏيندڙ به چِت تي چڙهيل آهينس، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن لاءِ سموند ٿو سُجهي ته ڪڏهن جوڳي ٿي هنگلاچ ٿو ڀيٽي، هر رُوپَ ۾ ساڌن سان سَنمُک ۽ پئنچن سان پورو، نه کَٿي نه کُورو نه ئي ڪو گُهري اُجورو، پاڻ وڃي هر شيءَ کي اکيين ڪينر پائي پرکي ۽ پروڙي، اها صرافاڻي نظر عام وٽ اڻلڀ، تنهن کان سواءِ شاديون غميون، ادبي رهاڻيون، سياسي پروگرام، بحريا ٽائون وارا بکيڙا اڃان ئي الڳ، ايترن معاملن کي منهن ڏيڻ ڪنهن چڱي ڀلي جي به هٿ وس ناهي هوندو. هن ئي اڻ ڇپيل ڪتاب واري مضمونن ۾ گل حسن ويهارو کن پراڻين بلڊينگن جو ذڪر به ڪيو آهي، تن مان گهڻين بلڊينگن جو ذڪر سندس ڇپيل ڪتابن ڪراچي سنڌ جي مارئي ۽ انگريز دؤر جون مشهور عمارتون  ۾ پڻ ٿيل آهي .هن  ڪتاب جي شروعات به هڪ پراڻي (ڪوڙهه جي) جي اسپتال سان ڪيل آهي، جيڪا 1896ع ۾ ساڌو هيرانند، اسانجي سماج جي ڌڪاريل مريضن لاءِ منگهي پير واري گرم چشمي ويجهو زمين خريد ڪري جوڙائي هئي. اتي درمشالو، آشڻرم ۽ انهن مريضن لاءِ خاص قسم جي ٺهندڙ بوٽن لاءِ ننڍڙو ڪارخانو به هو، هن وقت مندر سميت انهن سڀني تاريخي جاين جو اصلي روپ بگاڙي قبضي هيٺ آندل آهن، ٻيو ته ٺهيو منگهي پير واري وسيع قديمي قبرستان جي سوين قبرن کي ميساري انهن مٿان شاهي مدرسو ٺاهيو ويو آهي، جتي سوين کٿابي ديني تعليم پيا پرائين، هتي ڪهڙن ڪلورن جي ڳالهه ڪجي….!!

گل حسن هن ڪتاب ۾ موهاٽا پيليس جي مالڪ ان مار واڙي هندو سيٺئي شورتن موهاٽا جي قائد اعظم اڳيان بيان ڪيل ڪٿا جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ اسانجي پياري قائد جي ان حيران ڪندڙ تاريخي جملي جو ترجمو به ڏنل آهي.

“I am unable to offer assistanced in this circumstance.”

پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اسان جي جان، مال، ۽ ملڪ جي رکوالي ڪندڙ کي اها رومانٽڪ بلڊنگ وزارتِ خارجه جي دفتر لاءِ وڻي ويئي، شورتن ويچاري، قائد اڳيان التجا ڪئي، پر قائد به اتي بيوس  هو، اهو سهائو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، پوءِ وڏن کي ميٺارام هاسٽل وڻي يا ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل پسند اچي ”خير انهن قديم ماڳن جو رئڻ روئي جَر ڪَجر اکين مان وَهائي اچون ٿا. ڪتاب ۾ شامل هن تصوير تي، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان آل پاڪستان ٽوئر تي آيل شاگردن جي سٿ سان گڏ ٻن يونيورسٽيءَ جي استادن جون به تصويرون آهن، جن ۾ هڪ استاد ڊاڪٽر شمس صاحب آهي، جو منهنجي وقت م آرٽس ۽ سوشل سائنس جي فيڪلٽيءَ جو ڊين هو، هڪ ميٽنگ ۾ ڪنهن ڳالهه تان منهنجو ساڻس ڏند چڪ ٿي پيو، اچي سر سليم صاحب کي دانهن ڏنائين، سر سليم صاحب اسان ٻنهي جو خير ڪرايو، هفتو اڳ جڏهن ڊاڪٽر شمس صاحب مون کي يونيورسٽي ۾ يو-بي-ايل بنئڪ وٽ مليو. سلام دعا کان پوءِ گاڏي ۾ پيل ان ڪتاب واري مواد ۾ مون کيس اها تصوير ڏيکاري ته مشڪندي هڪ تاريخي جملو چيائين جون آئون هٿي نٿو لکان، گل حسن هجي ها ته يقينن لکي ڇڏي ها، هاڻي ڪراچي يونيورسٽي آل پاڪستان ٽوئر ته پنهنجيءَ جاءِ پر اڌ پاڪستان ٽوئر به نٿي ڪرائي.

هن ڪتاب ۾ چاڪر خان ڪلمتيءَ جو به ذڪر آهي، جنهن کي انگريزن ڊسمبر 1839ع ۾ ڦاسي ڏني هئي، اهو سڄو تفصيل گل حسن هن ليک ۾ ڏنو آهي، پر آئون هتي مسز هينڊ جي ڳالهه ڪندس، جنهن چاڪر خان کي ڦاهي ڏيڻ وقت اهو منظر ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، مسز هينڊ، ان ڦاهيءَ واري منظر جو اکين ڏٺو احوال پنهنجي پوٽيءَ کي لکيل خطن ۾ هن ريت لکيو آهي، ”اڇن ڪپڙن ۽ پٽڪو ٻڌل هڪ قدآور شخص جڏهن سپاهين جي پهري هيٺ آندل بگيءَ مان نڪري نروار ٿيو، ته نه چاهيندي به اسان سڀني جون نظرون ڏانهس کڄي وييون، سندس چمڪندڙ وڏيون رت ڀرجي آيل اکيون، سڌائيءَ ۾ اُڀو ڊگهو نڪ، چاپئين ڏاڙهي، ويڪرا مضبوط ڪلها، هر کنيل وک تڪيل توريل، هلڻ ۾ پري تائين ڊپ جو ڪٿي هلڪو اولڙو به نه، ڪير چوندو ته هي ماڻهو ڦاهيءَ چڙهڻ آيو آهي؟ جڏهن کيس سپاهين جي پهري ۾ ٽڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ چيو ويو ته هن پنهنجي پيرن ۾ پيل چاندي تارن ۾ مڙهيل جتي لاهي، هر چاڙهيءَ کي ڦڙتائيءَ مان چمندي يڪ ساهيءَ اسان سڀني کان اڳ ۾ اوچي ڳاٽ اوڀر طرف منهن ڪري منڊيل ڦاهيءَ تختي تي اطمنيان سان ڦاهي وارو وٽيل مٿان هُڪ ٻڌل رسو ڪنڌ ۾ وجهي ڪنهن فرمانبردار ٻار وانگي خاموش ٿي وڃي بيٺو. ميجر ڊِنوهيءَ نرم لهجي ۾ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته؛ ”تون مسلمان آهين اولهه طرف مڪي ڏانهن مُنهن ڪري بيهه“ ان وقت سندس مٿي ۽ منهن کي ڳاڙهي ٽوپ سان ڍڪيو ٿي ويو، ته هن سختيءَ سان منع ڪندي گجندڙ آواز ۾ ميجر ڊنوهيءَ کي جواب ڏيندي چيو ته ”منهنجو مڪو، ملير آهي، آخري پساهه تائين پري پري پنهنجي ڌرتي ڏسڻ ٿو چاهيان“. ميجر ڊنوهيءَ منهن ۾ گهنج وجهندي، جلاد کي آڱر سان اشارو ڪيو، ته مڻڪي وٽان ٻڌل رسيءَ کي زوردار جهٽڪو آيو، مون منهن ڦيري مڪي طرف يعني الهندي ڪري ڇڏيو، ٽي ڀيرا زوردار جهٽڪن جو آواز ٿيو. ميجر ڊنوهي چيو ڦِنش، مون واپس مڙي جڏهن ڏٺو ته سندل رتايل ڪنڌ ملير طرف لڙڪيل هو ۽ سندس کليل اکيون ملير جي ڀونءِ ڏسي رهيون هيون. مون کان نه چاهيندي به رڙ سان گڏ بي ڌيانيءَ مان هي لفظ نڪتا، ”ڇا ته ازغيبي طاقت وارو طلسما تي شخص هو“، ته انهيءَ وقت ئي ميجر ڊنوهيءَ جو ڪاوڙ ۾ ٻڏل زور سان ”شٽ اپ“ وارو گڏهه جي هينگ جهڙو آواز سڄي ماٺار واري جادوئي ماحول کي چيريندو ويو، آئون آهستي آهستي هيٺ لهندي ڪجهه سيڙهين کي چمندي، اها چاندي تارن سان مڙهيل جُتي کڻي اچي پنهنجي آندل بگيءَ ۾ ويٺيس، جا هُن جي مون وٽ امانت آهي.“ مسز هينڊ وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان هن منظر تي ميناڪاري مڙهي آهي، پر وقت جو جبر ڏسو، هن وقت سڄو ملير والارجي پيو، پر چاڪر خان ڪلمتيءَ جو روپ اڻلڀ آهي. سندس ئي ڪڙم جو ۽ منهنجو ڀائرن جهڙو دوست سليم ڪلمتي ملير جي چونڊيل نمائندي جي حيثيت ۾ اسيمبليءَ ۾ هوندي به هن هيڏي ڪِيس تي چپن تي چُنو هنيو ويٺو آهي، تاريخ اها ميار ضرور کيس ڏيندي.

هتي ئي هڪ تصوير ۾ ڪتبي لڳل (اصل ۾ قادر بخش رند) عرف قادو مڪرانيءَ جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ جي قبر تي گل حسن فاتحا پڙهي رهيو آهي، هن وقت جڏهن گل حسن فاتحا پڙهي رهيو آهي، قبر واري ڪتبي تي شهيد قادو مڪراني مجاهد ساڪن ڪاٺياواڙ لکيل آهي. جيڪو چالهيارو سال اڳ، لڳل ڪتبو گل حسن ڏٺو هو، ان ۾ مجاهد جو واڌارو ڪري، ساڪن گجرات جي بدران ڪاٺياواڙ لکيو ويو آهي، هيءَ ته خير جي ڳالهه آهي، ويهارو سال اڳ گل حسن ۽ مون جڏهن گڏاپ واري ڌاڙي ۾ مَرڪي سر گهوريندڙن جکري ۽ ڇَتي جو کئي جي قبرن جي ڳولا پئي ڪئي ته نارا ٿر جي اترئين ڀِڪ ۾ جوکيا قبيلي جي قديم قبرستان ۾ هڪ گهاڙي قبر ڏٺي، جنهن تي نالو غلام محمد ولد بلوچ خان جوکيو ۽ سن 1890ع لکيل هو، هينئر جڏهن آئون پنهنجي دوستن اشرف پاندي ۽ پروفيسر علي نواز جوکئي جي ٻُڌ سُڌ تي سندن چوڻ مطابق ته اهي قبرون اسان پڇا بعد ڳوليون آهن، اوهان به اچي ڏسو، سو سندن ڏنل پارن پتن تي اُهي قبرون ته ڏٺيون، پر گل حسن جن قبرن جا پار پتا ڏنا هئا سي اُهي نه هيون، پر مون کي حيرانگي  ان وقت ٿي، جڏهن ان گهاڙي قبر تان اڳ لڳل پٿر جي چُٽائيءَ وارو ڪتبو هٽيل ڏٺو، ان جاءِ تي اڇي سنگ مر مر وارو پٿر، جنهن تي هٿ جي چُٽائيءَ سان غلام محمد ولد آدم جوکيو ۽ لکيل هجري سن مطابق عيسوي 1910ع سن ٿو بيهي سو ڪتبو لڳل هو، مون ان ڏينهن ئي تاريخ سان ٿيل هن ويڌن واري وارتا جي ڳالهه جوکيا قبيلي جي سڄاڻ دوستن سان ڪئي، پر اها ماسي سفوران واري هئو. سڀني ڪئي، جنهن مان وريو ڪجهه ڪين، ايتري قدر جو سال ٻه هزار ٽيويهه جي آخري سج کي سلامي ڏيڻ واري شام گل حسن ڪلمتيءَ جي نانءُ ڪري ملهائيندڙ  بي باڪ صحافي دوست سامي ميمڻ واري منڍيل ميڙ ۾ پِٽڻ پٽي ان تاريخي ويساهه گهاتيءَ جي ڳالهه به ڪئي، پر اڄ تائين ان مامري تي ڪنهن انڌي اوٻاسي به ڪانه ڏني، ته پوءِ ڪٿي دانهجي. بيوسي ته پنهنجيءَ جاءِ پر هن بيحِسيءَ جو ڇا ڪجي؟؟

معاف ڪجو ڳالهه پئي هلي قادو مڪرانيءَ جي، ته گل حسن خبر ناهي هيءَ ڳالهه هتي ڪئين ڀلجي ويو آهي، مون کي ته اعتبار نٿو اچي، ٿي سگهي ٿو، هي ليک سنوارڻ وارا انهيءَ سِٽَ جي سَٽَ نه جهلي سگهيا. هتي ته ان داسوپڙ واري اوٺار جو به نالو ڳڻائجي ها، جنهن بغدادي ٿاڻي تي چغلي هڻي کيس جهلايو هو، اهو جت ملير جي ڪنهن سالار ڪنهن مهندار جي ڏاڏنگي نُک هو، اهو جت به تاريخ جو هڪ سياهه باب آهي، جو ڪڏهن نه ڪڏهن گل حسن جي لکتن مان ئي ظاهر ٿيندو، ان باري ۾ اڄ هي سٽون لکڻ کان ٿورو اڳ استاد هوت آدم سان ڳالهه ٿي مون کيس چاچي هوت غلام محمد ”گلابو“ جي گل حسن ۽ مون سان قادو مڪرانيءَ جي باري ۾ استاد جي گيراج ۾ ئي ڪيل ڪچهري ياد ڏياري، جنهن ۾ چاچي غلام محمد ٻڌايو هو ته قادر بخش سان ننڍڙو ڏوهٽو به ساڻ هيو. استاد آدم هڪ نئين ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته سن 4-1953ع ۾ سنڌ پنجاب گڊز ٽرانسپورٽ جي کارادر واري آفيس جو هيڊ منشي ستار ڀائي جيڪو هو ته گجراتي ميمڻ، پر هن هڪ ڏينهن مون کي پاڻ ٻڌايو ته قادو مڪراني هن جو نانو هو، هن ئي ليک ۾ گل حسن ڪلمتيءَ جا هيٺيان تاريخي جملا اسانجي درسي ڪتابن ۽ هٿرادو لکيل تاريخ جي منهن تي ڪارنهن ملڻ جي لاءِ ڪافي آهن. ”درسی کتابوں اور ہماری تاریخ میں نہ ہمیں قادو مکرانی اور نہ ہی روپلو کولھی، ھیموں کالانی، چاکر خان کلمتی، بھگت سنگھ، چاکر خان جوکیو اور بہت سے جنہوں نے جانوں کا نظرانہ پیش کیا، کوئی ذکر نہین ملتا ہے، ہمارے ہیرو تو حملہ آوروں کو  پیش کیا گیا ہے۔“

گل حسن ڪلمتيءَ جون ڪي تصويري ڪهاڻيون مون سان ڄڻ ته ڳالهائين ٿيون، آئون سندس ڪافي انهن تصويري ڪهاڻين جو اکين ڏٺو شاهد به آهيان، جي هر ان تصويري ڪهاڻي جي ڪٿا بيان ڪيان ته هڪ ٻيو ڪتاب جُڙي پوندو، گل حسن سان جڏهن سندس ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئيءَ جي ٻي ڇاپي جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ جي روڊن تي رولاڪيون پي ڪيوسين، هڪ ڏينهن ڪاڙهي جي ذِلَ ۾ مديحه اسڪوائر واري بلڊنگ وٽ اچي بيٺاسين، ته وڏي افسوس سان مونکي چيائين ته؛ هتي ٺهيل ”سيناگاگ“ واري جاءِ جي پنهنجي الڳ تاريخي سڃاڻپ هئي، پر اسان هن تاريخ سان جيڪا تاريڪي ڪئي، سا تاريخ اسان کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪندي، عمارتون نه هندو آهن نه مسلمان نه ئي وري يهودي يا عيسائي، اُهي فقط ۽ فقط ان وقت جون ساکي ۽ شاهد آهن، جي اسان کي ان وقت جي تاريخ جا ڏس ڏين ٿيون، گل حسن ڳوڙهن ڀريل اکين سان روئڻهارڪو ٿي چيو ته: يقين ڪر مون کي جيترو افسوس بابري مسجد ميسارڻ تي ٿيو،  ايترو ئي ڏک هتي اڏيل يهودين جي مقدس مسجد ساڙڻ جو ٿيو. سو هي ان قسم جون تاريخ سان جُنون جي حد تائين عشق ڪرڻ وارو شخص هو.

”سامي کڻي سَنک، وڄائي واٽ ٿئا.“

شاهه

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.