ڪراچي ۾ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر)  نارٿ ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن اڳ سڪيورٽي گارڊ ڪچري کڻڻ واري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. پوليس  اختيارين موجب نوجوان کي قتل ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي ڪمپني جي سپروائيزر عاصم کي پهريان ئي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار عاصم بغير ڪنهن تصديق جي غير تربيت يافته شخص کي ڀرتي ڪيو هو. ڪراچي ۾ ڪچرو نه کڻڻ تي 17 ورهين جي نوجوان کي گارڊ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، اختيارين جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل سڪيورٽي گارڊ ڪمپني پوليس کي پنهنجو لائسنس ڏيکاريو آهي پر جاچ لاءِ لاڳاپيل ڪمپني جي 12 گارڊن جا هٿيار ضبط ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.