ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير مسلم ليگ(ن) ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي محمد زبير چيو ته ڪافي وقت کان پارٽي کان خدشا هئا، هاڻ فيصلو ڪري ورتو آهي ته مسلم ليگ(ن) کي الوداع ڪريان.محمد زبير چيو ته پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو دوستن جي مشوري کان پوءِ ڪندس، ياد رهي ته محمد زبير گذريل ٻن اڍائي سالن کان مسلم ليگ(ن) جي پارٽي قيادت جي اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿي رهيو هو. ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ محمد زبير چيو هو ته منهنجي خيال ۾ مان مسلم ليگ(ن) ۾ آهيان جهڙي طرح شاهد خاقان عباسي آهي ائين ئي مان به آهيان.